ڪراچي اوڀر – رپورٽ نواب علي ٻگھيو
لطيف جي پارکو ڊاڪٽر شير مهراڻي چيو آهي ته لطيف زندگي جو نصيب العين ڏنو آهي لطيف سنڌ آهي ۽ سنڌ لطيف آهي اهڙن خيالن جو اظهار سنڌي شاگرد سٿ پاران ڪراچي يونيورسٽي ۾ ڪوٺايل پيغام لطيف ۽ سنڌ ميلو تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو ڊاڪٽر شير مهراڻي وڌيڪ چيو ته شاهه ڀٽائي عالم انسانيت جو شاعر آهي پر هن وٽ سنڌ اول آهي ۽ چوي ٿو ته اي خدا سنڌ کي سکيو رک ۽ پورو عالم کي به آباد ڪر لطيف صدين کان ستل سنڌ کي جاڳايو هي منفرد ان ڪري به آهي ته هن ننڍڙن ڪردارن کي وڏو ڪري پيش ڪيو ۽ عام کي خاص بڻايو اٿس لطيف ديس، ڌرتي، محبت، مزاحمت ۽ سچن ڪردارن جو شاعر آهي ۽ ڌرتيءَ لاءِ لڪير ڪڍي آهي اهو ئي سبب آهي جو هر سنڌي ماڻهو ٻولي، ڌرتي، درياهه، اجرڪ کي پنهنجي ريڊ لائين سمجهي ٿو ۽ انهن سان جذباتي لڳاءُ رکي ٿو ان ڪري اسين وڏي واڪي چئون ٿا ته جيڪو ڌاريو ڌرتيءَ ڏانهن ميري اک کڻندو اها اک نه رهندي تقريب کي ليکڪ جاويد راڄپر، ايڊووڪيٽ رحمان ڪورائي، اسامه حفيظ، منٺار سولنگي، ميمونه ڏاهري، عقبه پڻ خطاب ڪيو تقريب ۾ ڪراچي يونيورسٽي جي استادن، شاگردن ۽ شاگردياڻين سميت سنڌي شعبي جي چيئر پرسن ناهيد پروين، پروفيسر ڊاڪٽر غلام رسول لاکو،پروفيسر نور حسن چانڊيو،پروفيسر شفقت علي نوناري، جونيئر جانڻ چڻ، پروفيسر عمار هليو،پروفيسر اياز وساڻ، پروفيسر شازيه ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جن کي سنڌي شاگرد سٿ جي اڳواڻن سنڌي اجرڪ اوڍايا تقريب ۾ شاگردن علمي ۽ ثقافتي جاڳرتا جا ٽيبلوز پيش ڪيا ۽ لطيف، شيخ اياز، استاد بخاري ۽ ڊٻائي مهر جي شاعري ٻدائي آخر ۾ صوفي راڳي فقير سڪندر شفيع صوفياڻو ڪلام چئي خوب داد حاصل ڪيو.

