پاڪ ـ چين لاڳاپا پنهنجي گھرائي ۽ مضبوطيءَ جي لحاظ سان دنيا ۾ بي مثال آهن: مراد علي شاھ

Homeاهم خبرپاڪ ـ چين...

ڪراچي : سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پاڪ ـ چين لاڳاپا پنهنجي گھرائي ۽ مضبوطيءَ جي لحاظ سان دنيا ۾ بي مثال آهن۔ هي هر موسم ۾ قائم رهندڙ ۽ فولادي دوستي آهي جيڪا ٻنهي ملڪن کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻي ٿي۔

اھڙن خيالن جو اظھار ھن ڪراچي ۾ چيني قونصليٽ پاران چين جي 76هين قومي ڏينهن جي موقعي تي منعقده تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو۔ وڏي وزير تقريب ۾ شرڪت ڪئي ۽ قونصل جنرل چين کي گل دستو پيش ڪندي چيني قيادت ۽ عوام لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو۔ هن چيو ته سنڌ ۽ پاڪستان جي عوام پاران چيني حڪومت ۽ عوام کي دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪريان ٿو۔

مراد علي شاهه چيو ته عوامي جمهوريه چين 76 سال اڳ ترقي، اتحاد ۽ قومي سجاڳي جي تاريخي سفر جي شروعات ڪئي هئي ۽ اڄ چين دنيا ۾ استقامت، جدت ۽ عالمي قيادت جي علامت آهي۔ هن چيو ته چين نه رڳو پنهنجي عوام جي خوشحاليءَ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي پر دنيا ۾ امن، تعاون ۽ گڏيل ترقي لاءِ به شاندار خدمتون انجام ڏنيون آهن۔ وڏي وزير چيو ته پاڪ ـ چين دوستي قراقرم جي چوٽين کان وٺي عربي سمنڊ جي ڪنارن تائين هر آزمائش ۽ خوشي جي موقعي تي هڪ ٻئي سان گڏ رهي آهي۔

هن چيو ته هي سال به اسان جي باهمي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوطي ڏني آهي ۽ اعليٰ سطحي دورن اسٽريٽجڪ هم آهنگي کي نئين وسعت ڏني آهي۔ هن چيو ته سي پيڪ تحت سنڌ ۾ بُنيادي ڍانچي جي ترقي، توانائي منصوبا ۽ صنعتي سهڪار سان صوبي ۾ انقلابي تبديليون آيون آهن ۽ عوام جي زندگين تي سڌا مثبت اثر پيا آهن۔ وڏي وزير چيو ته سي پيڪ فیز ٽو ۾ صنعت، زراعت، کوجن، ٽيڪنالاجي ۽ تعليم جهڙن شعبن ۾ وڌيڪ سهڪار جا خواهشمند آهيون۔ مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۽ پاڪستان جا عوام هن خاص لاڳاپي کي وڌيڪ مستحڪم ڪندا رهندا ۽ چيني ڀائرن ۽ ڀينرن سان هي ڀائيواري نون اوچائين تائين وٺي ويندا ته جيئن ايندڙ نسلن لاءِ امن، خوشحالي ۽ پائيدار ترقي کي يقيني بڻائي سگهجي۔ هن چيو ته اڄ جو ڏينهن نه رڳو چين جي قومي ڏينهن جو جشن آهي پر پاڪ ـ چين اَٽل دوستي جي عزم جي تجديد جو ڏينهن پڻ آهي۔

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});