ايشيا ڪپ جي سپر فور مرحلي جي آخري ميچ ۾ اڄ ڀارت ۽ سريلنڪا جون ٽيمون هڪ ٻئي سان آمهون سامهون ٿينديون.
تفصيل موجب، دبئي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ صرف هڪ رسميت هوندي ڇو ته پاڪستان ۽ ڀارت اڳ ئي فائنل ۾ پهچي چڪا آهن.
ڀارت سپر فور مرحلي جي پنهنجي پهرين ٻن ميچن ۾ پاڪستان ۽ بنگلاديش کي شڪست ڏني هئي، جڏهن ته سريلنڪا جي ٽيم کي بنگلاديش ۽ پاڪستان شڪست ڏني هئي.
پاڪستان ڪالهه اهم ميچ ۾ بنگلاديش کي 11 رنسن سان شڪست ڏئي فائنل ۾ پهتو.
ياد رهي ته ايشيا ڪپ جي 41 سالن جي تاريخ ۾ هي پهريون ڀيرو هوندو ته پاڪستان ۽ ڀارت فائنل ۾ هڪ ٻئي سان آمهون سامهون ٿيندا.

