پاڪستان لاءِ عالمي سطح تي فخر جو لمحو: ڊاڪٽر الله رکيو جُوڻيجو کي فيوچر ليڊرز ايوارڊ 2025 سان نوازيو ويو

Homeبريڪنگ نيوزپاڪستان لاءِ عالمي...

ڄامشورو ( رپورٽ : نور بروھي )  پاڪستان لاءِ اهو وڏي فخر جو لمحو آهي جو ملڪ جي نامور استاد ۽ محقق، انجنيئر ڊاڪٽر الله رکيو جُوڻيجو کي فيوچر ليڊرز ايوارڊ 2025 لاءِ چونڊيو ويو آهي۔ هي ايوارڊ 24 سيپٽمبر تي آءِ ٽي سي اين ايشيا، ايڪسپو سينٽر ڪراچي ۾ هڪ شاندار تقريب دوران ڏنو ويو، جتي سڄي دنيا مان صنعت ۽ تعليم جا نمايان اڳواڻ شريڪ ٿيا۔

هن سال ايوارڊ لاءِ مقابلو غير معمولي طور تي  تمام ڏکيو رهيو۔ رڳو پاڪستان مان 500 کان وڌيڪ اميدوارن ۽ پوري ايشيا مان 20 لک کان وڌيڪ درخواستون وصول ٿيون۔ جُيوري ڪيترن مهينن تائين جاري رهندڙ سخت چونڊ عمل کان پوءِ رڳو چند شخصيتن کي چونڊيو، جن ۾ ڊاڪٽر الله رکيو جُوڻيجو پڻ شامل آهن۔ انهن کي انهن اڳواڻن ۾ شمار ڪيو ويو آهي، جيڪي علم، تحقيق ۽ قيادت جي ذريعي مستقبل جي صنعت ۽ سماج جي سمت طئي ڪري رهيا آهن۔

ڊاڪٽر الله رکيو جُوڻيجو پنهنجي علمي ۽ عملي زندگي ۾ هميشه علم ۽ تحقيق جي واڌاري کي پنهنجو مقصد بڻايو آهي۔ هو انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ گران قدر خدمتون سرانجام ڏئي چڪا آهن۔ انهن جي قيادت ۾ ڪيترائي تحقيقي منصوبا مڪمل ٿيا، جن نه رڳو ملڪ پر عالمي سطح تي به پاڪستان جو نالو روشن ڪيو۔

تعليم جي ميدان ۾ انهن جون ڪوششون نوجوان شاگردن ۽ محققن لاءِ مشعلِ راهه آهن۔ هو جديد ٽيڪنالاجي، مصنوعي ذهانت ۽ تحقيق جي ذريعي نئين نسل کي جدت ۽ ايجاد ڏانهن راغب ڪرڻ لاءِ سرگرم آهن۔

ايوارڊ جي ڪيٽيگريز ۾ صنعت (آءِ ٽي، ٽيڪنالاجي، مصنوعي ذهانت ۽ تحقيق)، انٽرپرينيوئرز (اسٽارٽ اپس، انڪيوبِيشن ۽ ايڪسيليٽر فائونڊرز)، اڪيڊيميا (پروفيسر، محقق ۽ جدت آفرين شاگرد) ۽ ڪميونٽي ۽ ڊائيورسٽي (خواتين براءِ ٽيڪنالاجي، ايڪو سسٽم بلڊرز ۽ عالمي اثرات) شامل آهن۔

ڊاڪٽر الله رکيو جُوڻيجو جي هيءَ ڪاميابي رڳو انهن جي ذاتي ڪوششن جو اعتراف ناهي، پر پاڪستان جي علمي ۽ تحقيقي حلقن لاءِ به فخر جو لمحو آهي۔ انهن جو انتخاب ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پاڪستاني محقق ۽ ماهر عالمي سطح تي پنهنجي صلاحيتن ذريعي مستقبل جو نقشو بدلائڻ جي سگهه رکن ٿا۔

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});