پاڪستان لاءِ عالمي سطح تي فخر جو لمحو: ڊاڪٽر الله رکيو جُوڻيجو کي فيوچر ليڊرز ايوارڊ 2025 سان نوازيو ويو

Homeبريڪنگ نيوزپاڪستان لاءِ عالمي...

ڄامشورو ( رپورٽ : نور بروھي )  پاڪستان لاءِ اهو وڏي فخر جو لمحو آهي جو ملڪ جي نامور استاد ۽ محقق، انجنيئر ڊاڪٽر الله رکيو جُوڻيجو کي فيوچر ليڊرز ايوارڊ 2025 لاءِ چونڊيو ويو آهي۔ هي ايوارڊ 24 سيپٽمبر تي آءِ ٽي سي اين ايشيا، ايڪسپو سينٽر ڪراچي ۾ هڪ شاندار تقريب دوران ڏنو ويو، جتي سڄي دنيا مان صنعت ۽ تعليم جا نمايان اڳواڻ شريڪ ٿيا۔

هن سال ايوارڊ لاءِ مقابلو غير معمولي طور تي  تمام ڏکيو رهيو۔ رڳو پاڪستان مان 500 کان وڌيڪ اميدوارن ۽ پوري ايشيا مان 20 لک کان وڌيڪ درخواستون وصول ٿيون۔ جُيوري ڪيترن مهينن تائين جاري رهندڙ سخت چونڊ عمل کان پوءِ رڳو چند شخصيتن کي چونڊيو، جن ۾ ڊاڪٽر الله رکيو جُوڻيجو پڻ شامل آهن۔ انهن کي انهن اڳواڻن ۾ شمار ڪيو ويو آهي، جيڪي علم، تحقيق ۽ قيادت جي ذريعي مستقبل جي صنعت ۽ سماج جي سمت طئي ڪري رهيا آهن۔

ڊاڪٽر الله رکيو جُوڻيجو پنهنجي علمي ۽ عملي زندگي ۾ هميشه علم ۽ تحقيق جي واڌاري کي پنهنجو مقصد بڻايو آهي۔ هو انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ گران قدر خدمتون سرانجام ڏئي چڪا آهن۔ انهن جي قيادت ۾ ڪيترائي تحقيقي منصوبا مڪمل ٿيا، جن نه رڳو ملڪ پر عالمي سطح تي به پاڪستان جو نالو روشن ڪيو۔

تعليم جي ميدان ۾ انهن جون ڪوششون نوجوان شاگردن ۽ محققن لاءِ مشعلِ راهه آهن۔ هو جديد ٽيڪنالاجي، مصنوعي ذهانت ۽ تحقيق جي ذريعي نئين نسل کي جدت ۽ ايجاد ڏانهن راغب ڪرڻ لاءِ سرگرم آهن۔

ايوارڊ جي ڪيٽيگريز ۾ صنعت (آءِ ٽي، ٽيڪنالاجي، مصنوعي ذهانت ۽ تحقيق)، انٽرپرينيوئرز (اسٽارٽ اپس، انڪيوبِيشن ۽ ايڪسيليٽر فائونڊرز)، اڪيڊيميا (پروفيسر، محقق ۽ جدت آفرين شاگرد) ۽ ڪميونٽي ۽ ڊائيورسٽي (خواتين براءِ ٽيڪنالاجي، ايڪو سسٽم بلڊرز ۽ عالمي اثرات) شامل آهن۔

ڊاڪٽر الله رکيو جُوڻيجو جي هيءَ ڪاميابي رڳو انهن جي ذاتي ڪوششن جو اعتراف ناهي، پر پاڪستان جي علمي ۽ تحقيقي حلقن لاءِ به فخر جو لمحو آهي۔ انهن جو انتخاب ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پاڪستاني محقق ۽ ماهر عالمي سطح تي پنهنجي صلاحيتن ذريعي مستقبل جو نقشو بدلائڻ جي سگهه رکن ٿا۔

Subscribe

Copyright © Daily Misal

گولڊن ٽيمپل ۾ غير...

امرِتسر ۾ مقدس هرمندر صاحب جي تالاب ۾ غير اخلاقي عمل، ملزم سبحان رنگریز گرفتار امرِتسر،...

گولڊن ٽيمپل ۾ غير ارادي ڪُلي، شخص گرفتار، سکھ برادري ۾ ڀڙڪ پيدا

امرِتسر ۾ مقدس هرمندر صاحب جي تالاب ۾ غير اخلاقي عمل، ملزم سبحان رنگریز گرفتار امرِتسر، ڀارت – ويب ڊيسڪ: سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل...

چیئرمین پی ٹی آئی بیرسٹر گوہر خان عمران خان سان ملاقات کان انڪار

جیل ۾ ملاقات دوران بیرسٹر گوہر خان اڪيلائي ۾ ملاقات ڪرڻ کان معذرت، هڪ فيملي ممبر يا وڪيل شامل ڪرڻ جي درخواست اسلام آباد، پاڪستان...

آءِ سي سي بنگلاديشي صحافيءَ کي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ڪوريج کان روڪي ڇڏيو

100 کان وڌيڪ صحافيءَ کي ايڪريڊٽيشن نه ڏيڻ سان بنگلاديش ۽ آءِ سي سي جي وچ ۾ تڪرار وڌي ويو ڊھاڪـا، بنگلاديش – ويب ڊيسڪ:...

گل پلازا سانحي کانپوءِ هزارين گهر اونداهي ۽ گيس کان محروم، شهري حڪومت اڳيان بي وس

مارسٽن روڊ ۽ ڀرپاسي ۾ 11 ڏينهن کان گيس بند، متاثر خاندان سلينڊرن تي گذارو ڪرڻ تي مجبور ڪراچي، پاڪستان – ويب ڊيسڪ: گل پلازا...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

spot_img

گولڊن ٽيمپل ۾ غير ارادي ڪُلي، شخص گرفتار، سکھ برادري ۾ ڀڙڪ پيدا

امرِتسر ۾ مقدس هرمندر صاحب جي تالاب ۾ غير اخلاقي عمل، ملزم سبحان رنگریز گرفتار امرِتسر، ڀارت – ويب ڊيسڪ: سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل...

چیئرمین پی ٹی آئی بیرسٹر گوہر خان عمران خان سان ملاقات کان انڪار

جیل ۾ ملاقات دوران بیرسٹر گوہر خان اڪيلائي ۾ ملاقات ڪرڻ کان معذرت، هڪ فيملي ممبر يا وڪيل شامل ڪرڻ جي درخواست اسلام آباد، پاڪستان...

آءِ سي سي بنگلاديشي صحافيءَ کي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ڪوريج کان روڪي ڇڏيو

100 کان وڌيڪ صحافيءَ کي ايڪريڊٽيشن نه ڏيڻ سان بنگلاديش ۽ آءِ سي سي جي وچ ۾ تڪرار وڌي ويو ڊھاڪـا، بنگلاديش – ويب ڊيسڪ:...

گل پلازا سانحي کانپوءِ هزارين گهر اونداهي ۽ گيس کان محروم، شهري حڪومت اڳيان بي وس

مارسٽن روڊ ۽ ڀرپاسي ۾ 11 ڏينهن کان گيس بند، متاثر خاندان سلينڊرن تي گذارو ڪرڻ تي مجبور ڪراچي، پاڪستان – ويب ڊيسڪ: گل پلازا...

آمريڪا ۾ قيامت جهڙو برفاني طوفان، 30 ڄڻا فوت، لکين بجلي کان محروم

نيويارڪ، ٽيڪساس سميت ڪيترين رياستن ۾ ايمرجنسي لاڳو، سردي زندگي منجمد ڪري ڇڏي واشنگٽن/نيويارڪ، آمريڪا – ويب ڊيسڪ: آمريڪا ۾ شديد برفاني طوفان سبب اوڀر...

آءِ ايم ايف سان ڳالهين لاءِ نيون ترجيحون طئي، پاڪستان کي هڪ ارب ڊالر ملڻ جو امڪان

وزارتِ خزانه آءِ ايم ايف سان رليف ۽ معاشي بحالي تي نئين حڪمت عملي تيار ڪري ورتي اسلام آباد، پاڪستان – ويب ڊيسڪ: پاڪستان ۽...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});