ميھڙ: نمائندو مثال
ميھڙ ۾ امن امان جي بحالي ۽ سماجي براين خلاف احتجاج ڪندڙ شھرين واپارين ، دڪاندار ، صحافين ۽ سياسي سماجي اڳواڻن ايس يو پي ضلعي صدر سڪندر سوڍر ، شهري اتحاد ميهڙ جي چيئرمين نياز علي ٻرڙو ۽ ٻين ڪارڪنن مٿان ميھڙ پوليس پاران داخل ڪيل ڪيسن خلاف ايس يو پي تعلقي ميھڙ جي اڳواڻن حبيب حضوري ، اسحاق سوڍر ، ذوھيب جتوئي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ايس يو پي آفيس کان گھنٽا گھر چوڪ ۽ نيشنل پريس ڪلب ميھڙ تائين احتجاجي مظاھرو ڪري ريلي ڪڍي وئي
مظاھرين ھٿن ۾ بينر ۽ پارٽي جھنڊا کڻي ميھڙ پوليس ۽ ايس ايس پي دادو خلاف نعريبازي ڪئي ھنن چيو ته اسين ايس يو پي ضلع صدر سڪندر سوڍر ، شھري اتحاد ميھڙ جي چيئرمين نياز علي ٻرڙو ۽ ٻين شھرين ، دڪاندارن ، واپارين ۽ صحافين مٿان ٿيندڙ دھشتگردي جي ڪيسن جي مذمت ڪيون ٿا
ھنن چيو ته اسين سمورا شھري امن امان، ڏوھارين خلاف ڪاروائي ۽ سماجي براين جي خاتمي جي گھر ڪيون ٿا ته ايس ايس پي دادو ۽ ميھڙ پوليس ڏوھارين خلاف ڪاروائي ڪرڻ بجاء شھرين تي ڪيس داخل ڪري شھرين کي حراسان ڪري رھي آھي
ھنن چيو ته ايس ايس پي دادو ۽ ميھڙ پوليس ڏوھارين ، منشيات فروشن جا ساٿاري آھي پوليس امن امان ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آھي
ھنن چيو ته اسان جو اڄ به ساڳيو ئي مطالبو آھي ته اسان شھرين کي امن امان ڏيو ، ڏوھارين خلاف ڪاروائي ڪري ، سماجي برايون ختم ڪري داخل ڪيل ڪيس ختم ڪيا وڃن اگر مطالبا منظور نه ٿيا ته اسان جي ھي تحريڪ روز جي بنياد تي جاري رھندي

