ميھڙ (ميھڙ: نمائندو مثال) شاھ پنجو سلطان ۾ گذريل ڏينھن کان گم ٿي ويل ھڪ ئي گھر جي ٻن معصوم نينگرن 9 سالن جو شاھ زيب پٽ عامر علي ۽ 8 سالن جو مرتضي پٽ غلام مصطفي سولنگي جا پاڻيءَ جي کڏ ۾ لاش ھٿ.
اطلاع تي وارثن پھچي ٻنھي ٻارڙن جا لاش ڪڍي پاڻي جي کڏ مان ڪڍي گھر آندا ويا ھڪ ئي گھر ۾ ٻن ٻارڙن جا لاش گھر پھچڻ تي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو علائقي ۾ سوڳ جي لھر برقرار آھي.
وارثن موجب تہ ٻئين نينگر گذريل ڏينھن کان گم ھيا ڳولا باوجود ڏس پتو پئجي نه سگھيو ھو خدشو آھي ته ٻئين نينگر گھرن ڀرسان پاڻيءَ جي کڏ ۾ وھنجندي ٻڏي ويا آھن.

