حيدرآباد (رپورٽ فياض ڇلگري)
حيدرآباد پوليس جي وڏي ڪاميابي ـ ڪارون ۽ موٽر سائيڪلون ريڪور ڪري مالڪن حوالي ڪيون ويون
ايس ايس پي حيدرآباد عديل حسين چانڊيو جي هدايت تي پوليس جون ڪارروايون جاري آهن۔ گذريل ڪاررواين دوران اي سيڪشن پاران شاندار ڪارروائي ۾ 9 ڪارون هٿ ڪيون ويون، جڏهنتہ ايس ايڇ او نسيم نگر ۽ ٻين ٿاڻن گڏجي ڪيترين ئي ڪارون ۽ موٽر سائيڪلون هٿ ڪيون۔
هن موقعي تي ايس ايس پي حيدرآباد جي آفيس ۾ تقريب دوران چوري ٿيل 12 ڪارون ۽ 14 موٽر سائيڪلون اصلي مالڪن حوالي ڪيون ويون۔ مالڪن پنهنجون قيمتي سواريون واپس ملڻ تي ايس ايس پي حيدرآباد ۽ لاڳاپيل پوليس ٽيم جو دل جي گهراين سان شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته پوليس جون هي ڪوششون عوامي اعتماد بحال ڪرڻ ۾ مددگار آهن۔
وڌيڪ هٿ ڪيل گاڏين ۽ موٽر سائيڪلن بابت جاچ جاري آهي، جيئن سندن حقيقي مالڪن جي تصديق کان پوءِ باقاعدي طور تي حوالي ڪري سگهجن۔
ايس ايس پي عديل حسين چانڊيو چيو ته شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ اهڙيون ڪارروايون بي رڪاوٽ جاري رهنديون ۽ فرار ڏوهارين ۽ ٻين ملوث ماڻهن جي گرفتاري لاءِ وڌيڪ قدم کنيا پيا وڃن۔

