ڪراچي: ميئر ڪراچي مرتضي ٰ وهاب ڏکڻ ضلعي جي مرڪزي علائقي صدر ۾ واقع ايمپريس مارڪيٽ ۽ شاهراهِ لياقت جو دورو ڪيو، جتي هن روڊن جي مرمت جي جاري ڪم جو جائزو ورتو.
ان موقعي تي ڪي ايم سي جي انجنيئرنگ شعبي جي آفيسرن ميئر کي مرمتي ڪم جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو ۽ مختلف هنڌن جو دورو ڪرايو.
ميئر ڪراچي ميڊيا سان ڳالهائيندي اعلان ڪيو ته حاليه مون سون جي برساتن کان پوءِ شهر جي 106 اهم شاهراهن جي بحالي جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي، جيڪو ايندڙ ٻن مهينن اندر مڪمل ڪيو ويندو.
هن چيو ته سڀني ضلعن ۾ روڊن جي مرمت جو ڪم تيزي سان جاري آهي ۽ هو پاڻ رات دير سان مختلف هنڌن جو دورو ڪري رهيو آهي ته جيئن ڪم جي معيار ۽ رفتار جو جائزو وٺي سگهجي.
مرتضیٰ وهاب شهرين کي اپيل ڪئي ته جتي به ڪا غفلت يا ناقص ڪم نظر اچي، ته فوري طور تي لاڳاپيل اختيارين يا سڌو سنئون هن سان رابطو ڪن.
هن چيو ته هو ڪراچي جي عوام کي جوابده آهي ۽ شفافيت جي معاملي تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪيو ويندو.
شهر ۾ جاري ترقياتي سرگرمين بابت ڳالهائيندي ميئر ڪراچي چيو ته شهرين جي سهولتن جي بهتري هن جي پهرين ترجيح آهي ۽ بلدياتي نظام کي فعال ۽ مؤثر بڻائڻ لاءِ ڀرپور قدم کنيا پيا وڃن.

