دبئي(ويب ڊيسڪ) ايشيا ڪپ 2025 جي فائنل لاءِ پاڪستان جي ممڪنه اليون سامهون اچي وئي، جنهن ۾ بنگلاديش خلاف ڪامياب ٽيم کي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ڪپتان سلمان علي آغا صائم ايوب بابت چيو ته هو اهڙو باصلاحيت رانديگر آهي، جو ايندڙ ڏهن سالن تائين قومي ٽيم جي نمائندگي ڪري سگهي ٿو.
صائم ايوب جي بولنگ ۽ فيلڊنگ کي ساراهيندي آغا چيو ته فائنل ۾ شاندار اننگز جي اميد آهي، جيتوڻيڪ صائم هن ٽورنامينٽ جي ڇهن ميچن مان چار ڀيرا صفر تي آئوٽ ٿيو آهي.
ممڪنه اليون ۾ صاحبزاده فرحان، فخر زمان، صائم ايوب، سلمان آغا، حسين طلعت، محمد حارث، محمد نواز، فهيم اشرف، ابرار احمد، شاهين آفريدي ۽ حارث رؤف شامل آهن.

