دبئي: ايشيا ڪپ جي فائنل ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي ٽيمون اڄ رات دبئي ۾ آمهون سامهون ٿينديون.
ماضي جي پنج باهمي فائنلن مان پاڪستان ٽي ڀيرا ڪامياب رهيو آهي، جڏهن ته ڀارت ٻن فائنلن ۾ فتح حاصل ڪئي.
1986 ۽ 1994 ۾ شارجه ۾ پاڪستان ڀارت کي شڪست ڏني، جڏهن ته 2017 ۾ چيمپئنز ٽرافي جي فائنل ۾ پاڪستان 180 رنسن سان ڀارت کي مات ڏني.
ٽي ٽوئنٽي جي مجموعي رڪارڊ موجب ڀارت 11 ميچون کٽيون، پاڪستان 3، جڏهن ته هڪ ميچ برابر رهيو.

