شهدادڪوٽ (سنڌ نيوز آن لائن) شهدادڪوٽ ۾ اڍائي مھينا اڳ 10 ورهين جي نينگري نظيران مگسي کي بيدرديءَ سان قتل ڪندڙ جوابدار علي حيدر مگسي کي بي سيڪشن پوليس گرفتار ڪري ورتو جوابدار ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو آهي. ڊي ايس پي شهدادڪوٽ يار محمد رند ميڊيا وارن کي ٻڌايو ته بي سيڪشن ٿاڻي جي حد بادشاهه ڪالوني ۾ اڍائي مھينا اڳ 10 ورهين جي نينگري نظيران مگسي کي جوابدار علي حيدر مگسي مٿي ۾ سروٽا ھڻي بيدرديءَ سان قتل ڪري خالي جڳھ ۾ ڦٽو ڪري فرار ٿي ويو ھو جوابدار کي گهر ۾ اچڻ کان منع ڪرڻ جي ڳالهه ڪاوڙ جي نينگري کي قتل ڪيو ھو.
شهدادڪوٽ پوليس بيدردي سان قتل ڪيل نينگري جي قاتل کي گرفتار ڪري ورتو
Subscribe
By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

