واشنگٽن/دبئي (رائٽرز) اسرائيلي وزيراعظم بينيامين نيٽن ياهو آمريڪا جي دوري دوران قطر کان باضابطه طور تي ان حملي تي معافي ورتي، جنهن ۾ اسرائيل دوحه ۾ حماس جي اڳواڻن کي نشانو بڻايو هو.
آمريڪي نشرياتي اداري سي اين اين دعويٰ ڪئي آهي ته هي انڪشاف هڪ اسرائيلي ذريعي ڪيو، جيڪو پنهنجو نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ڳالهائي رهيو هو.
ان ذريعي موجب، هي معافي هڪ وڏي معاهدي جو حصو هئي، جنهن تحت قطر تي دٻاءُ وڌائڻو هو ته هو حماس تي زور ڏئي ته اها ٽرمپ انتظاميه جي 21 نڪاتي امن منصوبي کي قبول ڪري.
نيٽن ياهو دوحه ۾ ٿيل حملي سبب قطر جي خودمختياري جي ڀڃڪڙي تي معافي ورتي، پر حماس کي نشانو بڻائڻ واري فيصلي تي افسوس ظاهر نه ڪيو.
سي اين اين موجب، هڪ ٻئي باخبر ذريعي پڻ تصديق ڪئي ته نيٽن ياهو وائٽ هائوس مان قطر جي وزيراعظم سان فون تي ڳالهائيندي معافي ورتي.
ياد رهي ته اسرائيل جي حملي ۾ هڪ قطري سيڪيورٽي گارڊ پڻ شهيد ٿيو هو، جنهن تي نيٽن ياهو افسوس جو اظهار ڪيو.
گذريل ڏينهن نيٽن ياهو هڪ انٽرويو ۾ چيو ته “اسان جو اصل هدف صرف حماس هئي، ان کان اڳتي ڪجهه نه. مون کي لڳي ٿو ته اسان هن معاملي تي باهمي سمجهه پيدا ڪري سگهون ٿا.”
هي پهريون موقعو آهي جڏهن اسرائيل ۽ قطر جي سربراهن جي وچ ۾ باضابطه رابطو منظر عام تي آيو آهي، جيتوڻيڪ ماضي ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڳجهي ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهي آهي.
ياد رهي ته اڄ نيٽن ياهو جي آمريڪا آمد کان ٿوري دير اڳ صدر ٽرمپ اميرِ قطر سان ٽيليفون تي غزه جنگبندي بابت ثالثي جي ڪردار جي بحالي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي
نيٽن ياهو جي قطر کان معافي: اسلامي دنيا لاءِ سفارتي ڪاميابي
Subscribe
By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

