کوئٽه (ويب ڊيسڪ) سڪيورٽي فورسز بلوچستان جي ٽي مختلف ضلعن ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشنون ڪري ڀارتي حمايت يافته 18 دهشتگردن کي مارجي ڇڏيو. فائرنگ جي ڏي وٺ دوران ٻن اهلڪارن کي زخمي حالتن ۾ کوئٽه جي فوجي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
آپريشن اڱاري جي وچ رات شروع ٿيو جڏھن گڏيل انٽيليجنس ادارن کي غزہ بند جبلن ۾ دهشتگردن جي موجودگي بابت اطلاع ھئا. فرنٽيئر ڪور (ايف سي)، پاڪستان آرمي ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي گڏيل ٽيمن رات جو علائقي جو گهيراءُ ڪيو.
دهشتگردن سخت مزاحمت ڪئي ۽ تقريباً ٻن ڪلاڪن تائين فائرنگ جي ڏي وٺ جاري رهي. ان دوران 10 دهشتگرد مارجي ويا، جن مان ڪيترن جي سڃاڻپ ماضي جي دهشتگرد حملن سان لاڳاپيل هجڻ جي تصديق ٿي. باقي مرڻ وارن جا لاش آپريشن وارن ھنڌ تان منتقل ڪري رت جا نمونا ۽ فنگر پرنٽس محفوظ ڪيا ويا.
سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي قبضي مان اي ڪي 47 رائفلون، گرينيڊ، راڪيٽ لانچر، ڳريون مشين گن ۽ وڏي مقدار ۾ بارودي مواد هٿ ڪيو. مقامي ذريعن موجب هي سامان مختلف حملي جي منصوبا بندي لاءِ استعمال ٿيڻ وارو هو.
ساڳئي وقت ضلع ژوب ۽ شيراني ۾ ڪيل عليحده انٽيليجنس بيسڊ آپريشنن ۾ فتنھ الخوارج سان لاڳاپيل 8 دهشتگرد مارجي ويا. انهن جي قبضي مان پڻ هٿيار ۽ بارودي مواد ھٿ ڪيو ويو.
گذريل ڏينهن ڪوئٽه جي ماڊل ٽائون ۾ ايف سي هيڊڪوارٽر تي آپگھاتي حملي ۾ 12 عام شهري شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا، جڏهن ته 6 دهشتگرد به مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سڪيورٽي فورسز پرعزم آهن ۽ اهڙيون ڪارروائيون جاري رهنديون.
مقامي انتظاميا رهواسين کي هدايت ڪئي آهي ته علائقي ۾ غير ضروري حرڪت کان پاسو ڪن جيستائين وڌيڪ اطلاع نه ڪئي وڃي.
بلوچستان حڪومت سڪيورٽي فورسز جي بروقت ۽ ڪامياب ڪارروائي کي بلڪل مؤثر قرار ڏيندي انهن جي جرات جي تعريف ڪندي صوبائي سطح تي سڪيورٽي انتظامات وڌيڪ سخت ڪري ڇڏيا آهن.

