اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاقي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته ريونيو شارٽ فال پورو ڪرڻ لاءِ ڪو اضافي ٽيڪس نه لڳايو ويندو.
وفاقي گاديءَ واري هنڌ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي محمد اورنگزيب چيو ته آءِ ايم ايف سان جيڪي هدف مقرر ڪيا ويا آهن، انهن تي مڪمل عمل ڪيو ويندو. هن چيو ته آءِ ايم ايف سان هن سال ٽيڪس ٽو جي ڊي پي جي شرح 11 سيڪڙو تائين وٺي وڃڻ جو هدف مقرر آهي ۽ حڪومت ان تي قائم آهي.
هن وڌيڪ چيو ته عدالتن ۾ ٽيڪسن جا ڪيس التوا هيٺ آهن، جن مان حاصل ٿيندڙ آمدني ريونيو شارٽ فال گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي۔ ناڻي واري وزير زور ڏنو ته شارٽ فال پورو ڪرڻ لاءِ ڪو اضافي ٽيڪس نه لڳايو ويندو.
محمد اورنگزيب ٻڌايو ته آءِ ايم ايف سان جاري ڳالهين ۾ اڳڀرائي ٿي رهي آهي ۽ هيل تائين جيڪا به ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، اها مثبت رهي آهي۔ حڪومت ٽيڪس ٽو جي ڊي پي ريشو 11 سيڪڙو تي آڻڻ لاءِ پرعزم آهي.

