ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستانين جي ذاتي ۽ حساس ڊيٽا وڪرو ڪرڻ جي غيرقانوني ڌنڌي ۾ 139 پليٽفارم ملوث نڪتا، جڏهن ته اين سي سي آءِ اي جي جاچ ٽيم انهن سڀني پليٽفارمن جي سڃاڻپ ڪري ورتي آهي.
ذريعن موجب، ڊيٽا وڪرو ڪندڙن ۾ ويب سائيٽون، ايپليڪيشنون ۽ سوشل ميڊيا اڪائونٽس شامل آهن. 18 موبائل ايپس، 17 ويب سائيٽون ۽ 2 يوٽيوب چينل سامهون آيا آهن، جڏهن ته 75 فيس بڪ، 10 انسٽاگرام، 12 ٽيليگرام ۽ 10 ٽڪ ٽاڪ اڪائونٽس به ان ۾ شامل آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستانين جو حساس ڊيٽا واٽس ايپ گروپ ذريعي به وڪرو ڪيو پئي ويو۔ جاچ ٽيم جي سفارش تي پي ٽي اي انهن سڀني پليٽفارمن کي بلاڪ ڪري ڇڏيو آهي.
ذريعن موجب، ٻئي مرحلي ۾ ڪيس داخل ڪري ذميوارن کي گرفتار ڪيو ويندو ۽ انهن کان حساس ڊيٽا حاصل ڪرڻ بابت جاچ ڪئي ويندي.
ان سان گڏ، ڪيترن ئي پليٽفارمن طرفان ڊيٽا وڪرو ڪرڻ جا دعويٰ به ڪوڙا نڪتا، جتي ڏوهاري عنصر ماڻهن کان پئسا وٺي جعلي ڊيٽا فراهم ڪرڻ ۾ مصروف رهيا.

