ڪراچي (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي بيٽنگ آل رائونڊر صائم ايوب ڀارت جي هاردڪ پانڊيا کان ٽي ٽوئنٽي آل رائونڊر جي پهرين پوزيشن کسي ورتي.
انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) طرفان رانديگرن جي نئين ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ جاري ڪئي وئي آهي، جنهن موجب صائم ايوب نمبر ون آل رائونڊر بڻجي ويو آهي.
هاردڪ پانڊيا ۽ افغانستان جو محمد نبي تنزلي کان پوءِ ترتيبوار ٻي ۽ ٽئين پوزيشن تي اچي ويا آهن۔
بيٽرز ۾ ڀارت جو اڀيشيڪ شرما پهرين پوزيشن تي برقرار آهي، جڏهن ته پاڪستان جو صاحبزادو فرحان 11 درجا ترقي بعد 13هين نمبر تي اچي ويو آهي۔
بابر اعظم، محمد رضوان ۽ صائم ايوب تنزلي کان پوءِ ترتيبوار 37هين، 41هين ۽ 57هين نمبر تي اچي ويا آهن، جڏهن ته فخر زمان 6 درجا ترقي سان 60هين نمبر تي پهچي ويو آهي۔
بالرن جي رينڪنگ ۾ ڀارت جو ورون چڪرورتي پهرين نمبر تي برقرار آهي، جڏهن ته پاڪستان جو ابرار احمد 3 درجا تنزلي کان پوءِ 7هين نمبر تي اچي ويو آهي۔
شاهين آفريدي 12 درجا ترقي سان گڏيل طور تي 13هين نمبر تي پهچي ويو آهي، جڏهن ته حارث رؤف 5 درجا تنزلي سان 33هين نمبر تي اچي ويو آهي.

