ماڙي پيٽروليم گيس ڪمپني آڏو شاگردن جو روزگار لاءِ ڌرڻو جاري، صحافين تي تشدد خلاف احتجاجي تحريڪ ختم

Homeاهم خبرماڙي پيٽروليم گيس...

گهوٽڪي (ڊ.ر) ميرپور ماٿيلو ۾ ماڙي پيٽروليم گيس ڪمپني جي مين گيٽ آڏو مقامي تربيت يافته بي روزگار شاگردن پاران روزگار جي فراهمي لاءِ تيرھين ڏينهن به احتجاجي ڌرڻو جاري رهيو، جڏهن ته صحافين تي پوليس تشدد ۽ ڪوڙا ڪيس داخل ٿيڻ خلاف شروع ٿيل احتجاجي تحريڪ ڪمپني انتظاميه سان ڳالهين بعد ختم ڪئي وئي.

شاگردن جو چوڻ آهي ته ماڙي پيٽروليم گيس ڪمپني انتظاميه ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي. “اسان مقامي شاگرد آهيون، جن کي ڪمپني طرفان ٽريننگ ته ڏني وئي، پر روزگار نه ڏنو ويو. ان جي ابتڙ ٻين صوبن جي ماڻهن کي گهرائي پڪي نوڪريون ڏنيون پيون وڃن، جيڪا مقامي نوجوانن سان ناانصافي آهي.” شاگردن جو احتجاجي ڪيمپ تي ويهڻ جو سلسلو جاري آهي، جتي وڪيل برادري، صحافين، سياسي ۽ سماجي تنظيمن جي اڳواڻن، قومپرست ڌرين ۽ سول سوسائٽي جي ماڻهن جي حمايت جو سلسلو به ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي.

ٻئي طرف، ٽي ڏينهن اڳ دوران ڪوريج صحافين تي پوليس جي مبينا تشدد ۽ ڪوڙا ڪيس داخل ٿيڻ خلاف گهوٽڪي ضلعي جي صحافين پاران ماڙي پيٽروليم گيس ڪمپني ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. اعظم سهرياڻي ۽ قاضي اگن شر جي اڳواڻي ۾ صحافين ڌرڻو هنيو ۽ نعريبازي ڪئي. صحافين جو چوڻ هو ته پوليس ۽ ڪمپني انتظاميه جو رويو ناقابل قبول آهي، ۽ جيڪڏهن 24 ڪلاڪن اندر ڪوڙا ڪيس ختم نه ڪيا ويا ۽ ذميوار آفيسرن کي برطرف نه ڪيو ويو ته احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.

ان سلسلي ۾ ماڙي پيٽروليم گيس ڪمپني جي انتظاميه ۽ صحافين وچ ۾ ڳالهيون ٿيون، جن بعد صحافين ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو. البت سوشل ميڊيا تي ڪجهه صحافين تي تنقيد ڪئي پئي وڃي ته مبينا طور تي ڪمپني کان ڏهه لک روپيا وٺي ڌرڻو ختم ڪيو ويو، جنهن بابت صحافين طرفان ترديد يا وضاحت سامهون نه آئي آهي.

ان دوران شاگردن جو احتجاج بنا ڪنهن رعايت جي جاري آهي، جن جو مطالبو آهي ته ماڙي گيس انتظاميه مقامي نوجوانن کي روزگار فراهم ڪري، ڌارين جي ڀرتي بند ڪري، ۽ قانوني طور انصاف مهيا ڪري.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});