35 ايڪڙن تي تيار ٿيل سارين ۽ وونئڻ جو فصل پاڻي هيٺ اچي ختم
متاثر آبادگارن جو احتجاج، حڪومت جي اعلان باوجود ڪو تدارڪ نه ٿيو
سرڪاري ٽيمون نه پهتيون، آبادگارن جو گذر سفر خطري ۾
وڏي وزير، گهرو وزير ۽ ضلعي انتظاميه کان فوري مدد جو مطالبو
مورو (رپورٽ: نمائندو خصوصي) – يونين ڪائونسل لليا جي ڳوٺ جوڻالو ۾ سنڌو درياءَ جي تازو آيل ننڍي ٻوڏ سبب ننڍن آبادگارن حاجي علي گوهر عالماڻي، سيد سرفراز شاهه، بهرام علي، وريام عالماڻي ۽ ٻين جا 35 ايڪڙن تي تيار ٿيل سارين ۽ وونئڻ جا فصل مڪمل طور پاڻي هيٺ اچي تباهه ٿي ويا، جنهن سبب لکين روپين جو مالي نقصان ٿيو آهي.
متاثر آبادگارن پاران احتجاج ڪندي چيو ويو ته حڪومت طرفان نقصان جي ازالي لاءِ اعلان ته ڪيو ويو، پر عملي طور تي اڃا تائين ڪو به تدارڪ نه ٿيو آهي. سندن چوڻ آهي ته نه ئي ڪا سرڪاري ٽيم سندن حال احوال وٺڻ آئي آهي، نه ئي ڪا مالي مدد ملي آهي.
آبادگارن جو چوڻ هو ته سندن گذر سفر فصلن تي هوندو آهي، سڄو سال محنت ڪري فصل لهڻ جو انتظار ڪندا آهن، پر هاڻي درياءَ جي پاڻي سبب الهه تلهه ختم ٿي ويو آهي. حڪومت جي بي ڌياني سبب هو سخت مشڪلاتن جو شڪار ٿي ويا آهن.
هنن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، صوبائي گهرو وزير ضياء الحسن لنجار، زراعت جي صوبائي وزير، ڪمشنر شهيد بينظير آباد ۽ ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي سندن نقصان جو ازالو ڪيو وڃي ۽ متاثر آبادگارن جي مدد ڪئي وڃي.
سنڌو درياءَ جي ٻوڏ سبب ننڍن آبادگارن جا فصل تباه، لکين روپين جو نقصان
Subscribe
By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

