ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ميئر ڪراچي مرتضىٰ وهاب چيو آهي ته “شهر لاءِ 200 ارب رپيا به گهٽ آهن، وزيراعظم کان مدد نه گهرندس ته پوءِ ڪنهن کان گهرندس؟ پر جيڪڏهن پنجاب جي معاملي تي ڪجهه چوندس ته وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز ناراض ٿي پوندي.”
هو ڪراچي انسٽيٽيوٽ آف هارٽ ڊزيز ۾ نئين ڪيٿ ليب جي افتتاحي تقريب دوران ڳالهائي رهيو هو، جتي هن ٻڌايو ته نئين ليب ۾ صبح کان ٽيون آپريشن ٿي چڪو آهي، جڏهن ته اسپتال ڪيترن ئي سالن کان بند پيل هئي.
مرتضىٰ وهاب چيو ته فيڊرل بي ايريا جي ماڻهن کي دل جي علاج لاءِ اين آءِ سي وي ڊي وڃڻو پوندو هو، هاڻي نئين سهولت سان شهرين کي آساني ٿيندي. هن چيو ته “تنقيد براءِ تنقيد سان مسئلا حل نٿا ٿين، عوام کي پاڻ ڏسڻو پوندو ته ڪيترو ڪم ٿيو آهي.”
هن چيو ته “جنوبی پنجاب هن وقت ڏکيائين ۾ آهي، عظميٰ بخاري ۽ مون ۾ فرق آهي، مان ڪنهن سان وڙهڻ نٿو چاهيان. جيڪڏهن پي آءِ ڊي سي ايل لاهور، ملتان يا پشاور ۾ ڪم نٿو ڪري ته ڪراچي ۾ ڇو؟”
مرتضىٰ وهاب چيو ته “ڪراچي لاءِ 20 ارب رپين جو لالي پاپ ناڪافي آهي، 200 ارب رپيا به خرچ ڪيا وڃن ته اڃا به گهٽ آهن. مان چاهيان ٿو ته منهنجي شهر کي ان جا حق ملن.”
هن چيو ته “مريم بي بي پاڻي جي مسئلي تي ڳالهه ڪئي، ڪينال تي ڳالهه ڪئي، پنجاب جا ماڻهو تڪليف ۾ آهن، اسان جو فرض آهي ته انهن جي تڪليفن کي دور ڪيون.”
ميئر ڪراچي واضح ڪيو ته “جيڪڏهن ڪو ملازم ڪرپشن ۾ ملوث ٿيو ته ان خلاف ڪارروائي ڪندس. عباسي شهيد اسپتال ۾ ايم آر آءِ مشين جي ادائيگي جي جاچ ڪندس، شهر جي پئسي تي ڪنهن کي هٿ نه وجهڻ ڏيندس.”
هن ٻڌايو ته اسپتال پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت هلائي رهيا آهيون، ملڪيت ڪنهن جي نالي نه ڪئي وئي آهي. اسپينسر آءِ اسپتال ۾ پڇلي ٻن مهينن ۾ 200 سرجريون ٿيون آهن، نئين مشينن سان عوام کي مفت ٽيسٽ جي سهولت ڏني ويندي.
مرتضىٰ وهاب آخر ۾ چيو ته “عباسي شهيد اسپتال جي نئين بلاڪ جو افتتاح هن ئي مهيني ٿيندو، سياسي سازشن سبب رڪاوٽون آيون، پر اسان اڳ به ڪوشش ڪئي هئي ته اسپتال کي اين آءِ سي وي ڊي جو حصو بڻايون.”

