حيدرآباد (بيورو رپورٽ) صوفين جي ڌرتي سيوهڻ شريف سان تعلق رکندڙ نوجوان بئريسٽر سمير سڪندر راهپوٽو، پرڏيهه مان اعليٰ قانوني تعليم مڪمل ڪري وطن واپسي تي حيدرآباد جي وڪيل برادري پاران آجياڻي تقريب سان ڀليڪار ڪيو ويو. تقريب حيدرآباد جيم خانه ۾ منعقد ڪئي وئي، جتي ضلعي بار جي اڳواڻن، سينيئر وڪيلن ۽ قانوني برادري وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
تقريب دوران وڪيلن بئريسٽر سمير راهپوٽو کي گلن جا هار پارائي ڀليڪار ڪيو ۽ کيس نوجوانن لاءِ رول ماڊل قرار ڏيندي چيو ته هن پرڏيهه مان تعليم حاصل ڪري وطن واپس اچي سنڌ جي خدمت جو جذبو ڏيکاريو آهي، جيڪو ساراهه جوڳو عمل آهي.
وڪيل اڳواڻن جو چوڻ هو ته نئون بئريسٽر سنڌ جي قانوني شعبي لاءِ هڪ اعزاز آهي، سندس اچڻ سان جديد قانوني ڄاڻ، شفافيت ۽ انصاف جي عمل ۾ وڌيڪ سُهولت پيدا ٿيندي. تقريب کي خطاب ڪندي بئريسٽر سمير راهپوٽو چيو ته هو پنهنجي ڄاڻ ۽ قابليت سنڌ جي عوام جي حقن لاءِ استعمال ڪندو، قانون جي حڪمراني ۽ آئين جي بالادستي لاءِ وڪيلن جو ڪردار انتهائي اهم آهي، ۽ هو پنهنجي ذميوارين کي ايمانداري سان نڀائيندو.
تقريب ۾ حيدرآباد جي سينيئر وڪيلن ايڊووڪيٽ ظهيرالدين سهتو، عرفان ٻگھيو، اشعر مجيد کوکر، ميان تاج محمد ڪيريو، ساجد ڳورڙ، فضل قادر ميمڻ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته نون بئريسٽرن جي اچڻ سان قانوني شعبي ۾ نئين توانائي پيدا ٿيندي، ۽ اهو نوجوان نسل لاءِ مثبت پيغام آهي ته محنت سان دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ مان اعليٰ تعليم حاصل ڪري سگهجي ٿي.
بئريسٽر سمير راهپوٽو جو تعلق سيوهڻ جي علم دوست ۽ سماجي سياسي خاندان سان آهي. سندس والد، اڳوڻو ايم اين اي سڪندر علي راهپوٽو، علمي ۽ سياسي خدمتن ۾ نمايان رهيو آهي. راهپوٽو خاندان جي علمي ورثي ۽ سماجي جدوجهد کي اڳتي وڌائيندي، سمير راهپوٽو جي ڪاميابي نه رڳو سندس خاندان، پر سموري سيوهڻ ۽ سنڌ لاءِ فخر جو لمحو آهي.
تقريب جو اهتمام نجم الدين ابڙو، ظهيرالدين سهتو، عبدالاحد کاکا، صدرالدين ابڙو ۽ ذوالفقار علي دراني ڪيو.

