سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙي خلاف سخت مزاحمت ڪبي: سيد زين شاهه

Homeاهم خبرسنڌ جي پاڻي...

ڄامشورو (رپورٽ: نور بروهي) سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي صدر ۽ درياهه سنڌ بچايو تحريڪ جي ڪنوينر سيد زين شاهه چيو آهي ته پنجاب جي وزيراعليٰ جو بيان “پاڻي به اسان جو، پئسا به اسان جا” وفاق جي خلاف آهي، جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي. هن چيو ته پنجاب اڳ ئي پنهنجي حصي کان وڌيڪ پاڻي وٺي رهيو آهي، ۽ هاڻي وري ڪينالن جي منصوبي ذريعي سنڌ جي حقن تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي.

جي. ايم. سيد ايڊييفينس ڄامشوري ۾ پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو باڊي جي اجلاس کان پوءِ پريس بريفنگ دوران سيد زين شاهه چيو ته هي معاملو صرف مريم نواز جو نه، پر آصف زرداري جو به آهي، جنهن سنڌ جي پاڻي جو سودو ڪيو. هن مطالبو ڪيو ته پيپلز پارٽي وزيراعليٰ پنجاب تي تنقيد ڪرڻ بدران صدر پاڪستان کان ايگزيڪيوٽو آرڊر ذريعي 8 جولاءِ واري ڪينالن جي فيصلي کي رد ڪرائي.

سيد زين شاهه چيو ته سنڌ جي عوام پنهنجي طاقت سان حڪومت کي گوڏا ٽيڪڻ تي مجبور ڪيو، ۽ جيڪڏهن وري سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هنيو ويو ته سخت مزاحمت ڪئي ويندي. هن پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي تي تنقيد ڪندي چيو ته امن بدران ڪاروباري ڊيلون ٿي رهيون آهن، جن تحت زمينون غير ملڪي ماڻهن کي ڏنيون ويون آهن، جيڪو ملڪ جي سلامتي خلاف آهي.

هن پيٽروليم ڊويلپمينٽ لي وي تحت 1300 ارب ٽيڪس لڳائڻ، اين ايف سي تي ٿيل ڌاڙن ۽ معدنيات تي وفاقي قبضي جي مذمت ڪندي چيو ته معدنيات، بندرگاهون، گئس، تيل ۽ ڪوئلو صوبائي ملڪيتون آهن، جن تي وفاق کي معاهدا ڪرڻ جو ڪو حق ناهي.

سيد زين شاهه سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي ڪاروباري اداري ۾ تبديل ڪرڻ خلاف احتجاج جو اعلان ڪندي چيو ته ميرٽ جي قتل خلاف ڌرڻا ڏنا ويندا. هن ڪراچي جي صورتحال تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته شهر جي 60 سيڪڙو آبادي صاف پاڻي ۽ نيڪال جي سهولت کان محروم آهي، جڏهن ته ٽينڪر مافيا ۽ لينڊ مافيا جو قبضو جاري آهي. هن K-4 منصوبي جي جلد مڪمل ٿيڻ ۽ 900 ارب رپين جي فنڊ جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.

سيد زين شاهه سرڪاري ملازمن جي تحريڪ جي حمايت جو اعلان ڪندي چيو ته 9 آڪٽوبر تي “ملڪ جي پرڏيهي پاليسي ۽ قومي مفاد” جي عنوان سان ڪراچي ۾ سيمينار منعقد ڪيو ويندو. هن چيو ته مريم نواز جي بيان تي پيپلز پارٽي جو واڪ آئوٽ صرف ڏيکاءُ آهي، ڇو ته ڪينالن جي منظوري صدر پاڪستان ڏني آهي، ۽ هاڻي اهو ئي ان کي رد ڪري سگهي ٿو.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});