اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم آزاد ڪشمير چوڌري انوار الحق عوامي ايڪشن ڪميٽي کي ڳالھين جي دعوت ڏني آهي. اسلام آباد ۾ وفاقي پارليماني معاملن واري وفاقي وزير طارق فضل چوڌري سان گڏ گڏيل پريس ڪانفرنس دوران هن چيو ته عوامي ايڪشن ڪميٽي طرفان پرامن احتجاج جو اعلان ڪيو ويو هو، پر صورتحال هاڻي مختلف ٿي وئي آهي.
هن ٻڌايو ته آزاد ڪشمير جي مختلف علائقن ۾ مڇريل ماڻهن طرفان پرتشدد مظاهرا ڪيا ويا ۽ پوليس اهلڪارن تي فائرنگ ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 3 اهلڪار شهيد ۽ 10 زخمي ٿيا.
چوڌري انوار الحق چيو ته احتجاج ۾ مختلف علائقن مان آيل ماڻهو شامل آهن، جيڪڏهن صرف ڪشمير جا ماڻهو هجن ها ته شايد احتجاج اهڙي نوعيت جو نه هجي ها.
هن چيو ته هو ٻيهر عوامي ايڪشن ڪميٽي جي ذميوارن کي ڳالهه ٻولهه جي دعوت ڏئي ٿو ته اچن ۽ ڳالھيون ڪن، حڪومت مظاهرين جي جائز مطالبن کي مڃيندي.
وزيراعظم آزاد ڪشمير چيو ته ان کان اڳ سيپٽمبر ۾ عوامي ايڪشن ڪميٽي جا 90 سيڪڙو مطالبا تسليم ڪيا ويا هئا، ان باوجود احتجاج جو اعلان ڪيو ويو.

