اسرائيلي نيوي جو غزه ويندڙ امدادي فلوٽيلا تي حملو، ڪيترائي رضاڪار گرفتار

HomeFeatured Newsاسرائيلي نيوي جو...

غزه: اسرائيلي نيوي عالمي امدادي قافلي “صمود فلوٽيلا” جي ڪشتين کي غزه ويندي روڪي، گهيري ۾ آڻي ڇڏيو ۽ اڳتي وڌڻ کان روڪيو ويو. فلوٽيلا جي ترجمان سيف ابو کشڪ الجزيره سان ڳالهائيندي تصديق ڪئي ته اسرائيلي فوجين ڪيترين ڪشتين جي انٽرنيٽ سروس بند ڪري ڇڏي آهي.

اطلاعن موجب، ڪجهه ڪشتين ۾ اسرائيلي فوجي داخل ٿي ويا آهن، جن مان موصول ٿيل وڊيوز صورتحال جي عڪاسي ڪن ٿيون. ترجمان موجب، اسرائيلي بحريه مسلسل خبردار ڪري رهي هئي ته غزه لاءِ امداد کڻي وڃڻ غير قانوني آهي.

فلوٽيلا جي منتظمين ٻڌايو ته هڪ اهم ٻيڙي “الما” تي اسرائيلي جنگي ٻيڙي جارحاڻي انداز ۾ گهيرو ڪيو، جنهن سبب ڪميونيڪيشن ۽ لائيو اسٽريم متاثر ٿي. ٻي ٻيڙي “سيريَس” کي به 15 منٽ تائين گهيري ۾ رکيو ويو.

اطلاعن موجب، فلوٽيلا اڃا به سفر تي آهي ۽ بدھ ڏينهن غزه کان 90 ناٽيڪل ميل پري هئي، جڏهن ته انهن جو مقصد خميس جي صبح غزه جي ساحل تي پهچڻ آهي. قافلي ۾ 40 کان وڌيڪ ڪشتيون ۽ 500 جي لڳ ڀڳ رضاڪار شامل آهن، جن ۾ اطالوي سياستدان ۽ سويڊن جي ماحولياتي ڪارڪن گريتا ٿنبرگ به شامل آهي.

اٽلي ۽ يونان اسرائيل کان رضاڪارن جي حفاظت جي ضمانت طلب ڪئي آهي ۽ تجويز ڏني آهي ته امداد قبرص ۾ لاهي چرچ جي ذريعي ورهائي وڃي. اسرائيل جو موقف آهي ته فلوٽيلا “حماس جي ڪارروائي” آهي، پر هن وقت تائين ڪو ثبوت پيش نه ڪيو ويو آهي.

ياد رهي ته هن سال جون ۽ جولاءِ ۾ به اهڙا امدادي قافلا روڪيا ويا هئا ۽ عالمي شهرت يافته سماجي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو هو.

وڌيڪ تفصيل اچڻ جاري آهن…

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});