تل ابيب/غزه (خصوصي رپورٽ) اسرائيلي سامونڊي فوج غزه لاءِ امداد کڻي ويندڙ عالمي قافلي “گلوبل صمود فلوٽيلا” تي حملو ڪري 13 ٻيڙين کي روڪي ورتو، جڏهن ته 200 کان وڌيڪ انساني حقن جي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو، جن ۾ سوئيڊن جي ماحولياتي ڪارڪن گريتا ٿنبرگ به شامل آهي.
فلوٽيلا ۾ 40 کان وڌيڪ ٻيڙين تي لڳ ڀڳ 500 ڪارڪن، پارليامينٽ ميمبر، وڪيل ۽ صحافي شامل هئا، جيڪي دوا ۽ خوراڪ غزه جي عوام تائين پهچائڻ جي مشن تي نڪتا هئا. قافلو غزه کان 90 ميل پري هو، جڏهن اسرائيلي سامونڊي فوج ان جو گهيراءُ ڪيو.
اسرائيلي پرڏيھي وزارت موجب گرفتار ڪارڪنن کي اشدود بند
رگاهه منتقل ڪيو پيو وڃي، جتي امداد جي سيڪيورٽي چيڪ کان پوءِ سامان غزه موڪلڻ جي تجويز ڏني وئي. فلوٽيلا جي منتظمين ان تجويز کي رد ڪندي چيو ته امداد کي روڪڻ بين الاقوامي قانون جي ڀڃڪڙي آهي.
فلوٽيلا جي ترجمان سيف ابو ڪشيڪ انسٽاگرام تي مشن اپڊيٽ جاري ڪندي ٻڌايو ته باوجود گرفتاري جي، قافلي جو مشن جاري آهي، ۽ 30 ٻيڙيون اڃا تائين غزه ڏانهن روان دوان آهن.
اٽلي جي پرڏيهي وزير انتونيو تاجاني تصديق ڪئي ته اسرائيل غير ملڪي شهرين کي ملڪ بدر ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو، جڏهن ته اٽلي جي وڏي يونين اسرائيلي حملي خلاف عام هڙتال جو اعلان ڪيو آهي.
آمريڪي ڪارڪن ليليٰ هيگزي جو رڪارڊ ٿيل پيغام سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو، جنهن ۾ هن چيو: “جيڪڏهن توهان منهنجي وڊيو ڏسي رهيا آهيو ته ان جو مطلب آهي ته مون کي اسرائيلي فوج اغوا ڪري ورتو آهي. مان عالمي برادري کان مطالبو ڪريان ٿي ته اسرائيل جي حمايت بند ڪئي وڃي.”
ياد رهي ته “گلوبل صمود فلوٽيلا” يورپي ۽ عرب ملڪن جي ڪارڪنن جي گڏيل ڪوشش آهي، جيڪا اسرائيل جي غزه تي لاڳو ناڪابندي کي ٽوڙڻ لاءِ سرگرم آهي.

