اسلام آباد (نمائندو خصوصي) اسلام آباد پوليس قومي پريس ڪلب تي ڇاپو هڻي صحافين تي تشدد ڪيو، جنهن تي صحافتي تنظيمن ۽ انساني حقن جي ادارن پاران سخت ردِعمل سامهون آيو آهي.
تفصيل موجب، پوليس اهلڪارن پريس ڪلب جي ڪيفي ٽيريا ۾ داخل ٿي توڙ ڦوڙ ڪئي ۽ اندر موجود صحافين کي مظاهرين سمجهي مارڪٽ جو نشانو بڻايو. واقعو صحافتي برادريءَ ۾ سخت بيچيني پيدا ڪري ڇڏي آهي.
پي يو ايف جي جي سيڪريٽري جنرل ارشد انصاري واقعي جي سخت مذمت ڪندي چيو ته صحافين تي تشدد ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو. هن وزيراعظم کان مطالبو ڪيو ته واقعي جي ترت جاچ ڪرائي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. “هي حملو صحافت جي آزاديءَ تي حملو آهي”، هن زور ڀريو.
ارشد انصاري وڌيڪ چيو ته “اقتدار جي شهر ۾ صحافين تي تشدد غنڊا گرديءَ جي کلي مثال آهي، پريس ڪلب پوليس لائن لڳي رهيو هو.”
انساني حقن جي قومي ڪميشن (HRCP) به واقعي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي، صحافين تي حملي جي مذمت ڪئي. جاري بيان ۾ ڪميشن واقعي جي ترت جاچ ۽ ذميوارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جو مطالبو ڪيو.
صحافتي تنظيمن جو چوڻ آهي ته صحافت جي آزاديءَ تي حملو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو، ۽ صحافين جي تحفظ لاءِ قانوني قدم کڻڻ ضروري آهي.

