ڄامشوري (نور بروھي) ڄامشوري ضلعي جي ڪوهستاني پٽي لوڻي ڪوٽ جي ڳوٺ حمزو شورو ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ بااثر شڪارين طرفان ناياب جهنگلي جانور گڊ جو غيرقانوني شڪار ڪيو ويو.
ميڊيا طرفان هٿ ڪيل وڊيو ۾ واضع ڏٺو وڃي ٿو ته گُڊ جانور زنده حالت ۾ وڻ هيٺان ۽ شهزور ۾ بيٺل آهي. وڊيو وائرل ٿيڻ بعد علائقي واسين شديد احتجاج ڪندي وائڊ لائيف کاتي جي عملدارن ۽ شڪارين خلاف ڪاروائي جو مطالبو ڪيو آهي.
28 سيپٽمبر تي بااثر شڪارين بندوق جي زور تي گڊ جو غيرقانوني شڪار ڪيو. وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ جنگلي جيوت کاتي طرفان ڪيس داخل ڪيو ويو، پر ان دوران هڪ ٻي وڊيو هٿ ڪئي، جنهن ۾ شڪار ڪيل گڊ جانور صاف نظر اچي ٿو.
زريعن موجب وائڊ لائيف کاتي ۾ سالن کان مقرر ٿيل ڊپٽي ڪنزرويٽر واجد علي شيخ طرفان بااثر شڪارين کي اجازت ڏيڻ کانپوءِ گڊ کي ڳوٺ حمزو شورو آندو ويو، جتي ان کي گولين جو کاڄ بڻايو ويو.
علائقي واسين جو چوڻ آهي ته ناياب جهنگلي جيوت جي بقا خطري ۾ پئجي وئي آهي، انڪري وائڊ لائيف کاتي جي عملدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ ايندڙ وقت ۾ اهڙن ناياب جانورن کي بچائڻ لاءِ مؤثر قدم کنيا وڃن.

