اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسپيشل انويسٽمينٽ فسيلٽيشن ڪائونسل (اڳس آئي ايف سي) طرفان ترڪ سيڙپڪارن کي ڪراچي ۾ 1000 ايڪڙ زمين تي ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون قائم ڪرڻ جي آڇ ڪئي وئي آهي، جنهن سان پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ 5 ارب ڊالر جي واپاري هدف ڏانهن اهم اڳڀرائي متوقع آهي۔
اها پيش رفت وزيراعظم شهباز شريف جي اپريل 2025ع ۾ ڏنل تجويز جي عملدرآمد جو نتيجو آهي، جنهن تحت سيڙپڪاري دوست ماحول ذريعي ترڪ صنعتڪارن کي پاڪستان ۾ برآمدات ۽ پيداوار جي ميدان ۾ سهولتون فراهم ڪرڻ جو مقصد آهي۔
SIFC موجب، ترڪ ڪمپنين لاءِ مجوزه زون ۾ جديد ۽ مؤثر سهولتون مهيا ڪيون وينديون، جن سان واپاري خرچن ۾ نمايان گهٽتائي ايندي۔ ماهرن جو چوڻ آهي ته هن زون جي قيام سان ڪراچي جي ذريعي وچ ايشيا ۽ خليجي ملڪن تائين واپار آسان ٿي ويندو۔
SIFC جي ڪوششن سبب عالمي برادري جو پاڪستان جي سيڙپڪاري ماحول تي اعتماد ٻيهر بحال ٿيو آهي، ۽ هي منصوبو ٻنهي ملڪن جي معاشي لاڳاپن جي واڌاري ۾ هڪ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو۔

