اسلام آباد (نمائندو خصوصي) وفاقي حڪومت گڏهن جي کلن جي برآمد تي لڳايل پابندي ختم ڪري ڇڏي، جڏهن ته وزارتِ واپار پاران نئون نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جنهن تحت ايڪسپورٽ پاليسي آرڊر 2022ع ۾ اهم تبديليون ڪيون ويون آهن۔
واپار واري وزارت جي نوٽيفڪيشن موجب هاڻ گڏهن جي کلن جي برآمد صرف گوادر فري زون مان ممڪن هوندي، ۽ اها اجازت صرف رجسٽرڊ ۽ منظور ٿيل سلاٽر هائوسز کي ڏني ويندي۔ نئين ترميمي نوٽيفڪيشن تحت 2015ع ۾ اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) پاران جاري ڪيل پابندي واري فيصلي کي خارج ڪيو ويو آهي، جنهن سان گڏهن جي کلن جي واپار لاءِ نئون رستو هموار ٿيو آهي۔ ماهرن موجب، هي قدم برآمداتي شعبي ۾ نون موقعن کي جنم ڏئي سگهي ٿو، خاص طور تي گوادر فري زون جي واپار ۽ لاجسٽڪ سرگرمين کي هٿي ڏيڻ جي حوالي سان۔

