ڪراچي (نمائندو خاص) ڪراچيءَ ۾ کير جي سرڪاري قيمت ۾ 40 رپيا في ليٽر واڌ جو امڪان پيدا ٿي ويو آهي، جڏهن ته ڊيري فارمرز، هول سيلرز ۽ ريٽيلرز طرفان قيمت وڌائڻ لاءِ زور ڀريو ويو آهي. اترين علائقن ۽ پنجاب ۾ آيل ٻوڏ کي جواز بڻائيندي، ڊيري فارمرز طرفان ڪمشنر ڪراچي کان قيمت وڌائڻ جو مطالبو ڪيو ويو.
ڪمشنر ڪراچي سيد حسن نقي جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس دوران، ڊيري فارمرز طرفان کير جي پيداوار جي لاڳت 271 رپيا في ليٽر ظاهر ڪئي وئي، جڏهن ته هول سيلرز ۽ ريٽيلرز به 35 رپيا واڌ جو مطالبو ڪيو. اجلاس دوران نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيڻ تي ڊيري فارمرز ڪمشنر آفيس ۾ ئي ڌرڻو هنيو، جيڪو بعد ۾ فالو اپ اجلاس جي خاطري تي ختم ڪيو ويو.
اجلاس ۾ کير جي فراهمي جي واڙن ۾ صفائي جي اصولن جي ڀڃڪڙي، خاص طور تي زنگ لڳل ٽنڪين جي استعمال تي به ڳالھ ٻولهھ ٿي، پر ڊيري فارمرز ۽ هول سيلرز طرفان ان مسئلي جي حل لاءِ ڪا حتمي تاريخ نه ڏني وئي.
شهر ۾ ملاوٽ ٿيل، غير معياري کير جي وڪري کي روڪڻ بابت به ڪا واضح خاطري نه ملي سگهي. صارفين جي نمائندن طرفان سياري جي موسم جي آمد سان کير جي طلب ۾ گهٽتائي ۽ پيداوار ۾ واڌ جي نشاندهي ڪندي قيمت وڌائڻ کي غير ضروري قرار ڏنو ويو.
واضح رهي ته جون 2024 ۾ کمشنر ڪراچي طرفان کير جي سرڪاري قيمت 220 رپيا في ليٽر مقرر ڪئي وئي هئي، جنهن تحت ڊيري فارمرز لاءِ 195 رپيا، هول سيلرز لاءِ 205 رپيا ۽ ريٽيلرز لاءِ 220 رپيا في ليٽر مقرر ڪيا ويا هئا.
هاڻي فيصلو سنڌ فوڊ ڊپارٽمينٽ جي رپورٽ ۽ ايندڙ اجلاس کانپوءِ متوقع آهي.

