اسلام آباد (نمائندو) اسرائيل طرفان سينيٽر مشتاق احمد سميت ٻين پاڪستاني شهرين کي عالمي صمود فلوٽيلا مان گرفتار ڪرڻ بعد، پاڪستان انهن جي آزادي لاءِ قدم کڻڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن.
دفتر خارجہ جي ترجمان موجب، پاڪستان خطي جي بين الاقوامي شراڪتدارن سان گڏجي گرفتار ٿيل شهرين جي حفاظت ۽ جلد آزادي کي يقيني بڻائڻ لاءِ سرگرم آهي. ترجمان واضح ڪيو ته پاڪستان اسرائيل کي تسليم نٿو ڪري، تنهن ڪري ٻين اتحادي ملڪن سان رابطي ۾ آهي.
ترجمان وڌيڪ چيو ته پاڪستان پنهنجي شهرين جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي ۽ انهن جي جلد ۽ محفوظ واپسي لاءِ هر ممڪن ڪوششون جاري رکندو.

