ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سري لنڪا، بنگلاديش ۽ نيپال کان پوءِ هاڻ مراڪش ۾ به نوجوانن حڪومت خلاف احتجاج شروع ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو گذريل چار ڏينهن کان جاري آهي.
عالمي خبرون ڏيندڙ ادارن موجب، هي احتجاج بدعنواني ۽ عوامي وسيلن جي غير شفاف استعمال خلاف آهي، جنهن جي اڳواڻي نوجوان ڪري رهيا آهن. حڪومت نوجوانن جي مطالبن کي تسليم ڪرڻ بدران احتجاج کي زور ذريعي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن سبب تحريڪ وڌيڪ شدت اختيار ڪري وئي.
اڄ ڏکڻ شهر اگادير جي ويجهو لقليا نالي ڳوٺ ۾ پوليس مظاهرين تي سڌي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ وڌيڪ ٽي ماڻهو مارجي ويا، ۽ مجموعي طور تي هلاڪتن جو انگ ست ٿي ويو.
نوجوان اڳواڻن الزام لڳايو آهي ته پوليس بيگناهه مظاهرين تي بي رحم طريقي سان طاقت استعمال ڪئي ۽ سڌيون گوليون هلائيون. وزيراعظم عزيز اخنوش مظاهرين جي اڳواڻن کي ڳالهين جي آڇ ڏني آهي، پر احتجاجي لهر ۾ گهٽتائي جا آثار نظر نٿا اچن.
ٻئي طرف، مراڪش جي وزارت داخلا جو چوڻ آهي ته مظاهرين پوليس کان هٿيار کسي رهيا هئا. پوليس هزار کان وڌيڪ مظاهرين کي گرفتار ڪري چڪي آهي، جڏهن ته سوين زخمي اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن، ان جي باوجود احتجاج وڌي رهيو آهي.
ياد رهي ته هي تحريڪ هڪ اڻڄاتل نوجوان گروپ “GenZ 212” پاران سوشل ميڊيا پليٽفارمن جهڙوڪ ٽڪ ٽاڪ، انسٽاگرام ۽ ڊسڪارڊ ذريعي منظم ڪئي وئي هئي.
مظاهرين جو چوڻ آهي ته حڪومت 2030 ورلڊ ڪپ لاءِ اربين ڊالر اسٽيڊيمن ۽ انفراسٽرڪچر تي خرچ ڪري رهي آهي، جڏهن ته عوام اسڪولن ۽ اسپتالن جهڙين بنيادي سهولتن کان محروم آهي. مظاهرين جو مشهور نعرو آهي: “اسٽيڊيم ته ٺهي ويا، اسپتال ڪٿي آهن؟”
ماهرن موجب، مراڪش جي هي احتجاجي تحريڪ خطي جي ٻين عوامي بغاوتن جهڙوڪ بنگلاديش، سري لنڪا ۽ نيپال سان مشابهت رکي ٿي، جتي عوامي احتجاج ذريعي ڪرپٽ ۽ آمر حڪومتن جو خاتمو آندو ويو ۽ شفاف چونڊن جي راهه هموار ڪئي وئي.

