ممبئي(ويب ڊيسڪ) ڀارت هڪ ڀيرو ٻيهر راندين ۾ سياست آڻڻ کان باز نه آيو. ويمن ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ دوران ڪمنٽيٽر ثنا مير پاران قومي ٽيم جي رانديگر نتاليه پرويز جو تعلق آزاد ڪشمير سان ٻڌائڻ تي ڀارتي ميڊيا پاران پروپيگنڊا شروع ڪيو ويو، ۽ ثنا مير کي ڪمنٽري پينل مان هٽائڻ جو مطالبو ڪيو ويو.
ثنا مير سوشل ميڊيا تي وضاحت ڪندي چيو ته سندس تبصرو صرف هڪ رانديگر جي سفر ۽ مشڪلاتن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ هو. هن چيو ته رانديگرن جي آبائي علائقن جو ذڪر ڪمنٽري جو عام حصو هوندو آهي، ۽ بطور ڪمنٽيٽر سندن ڌيان صرف راند، رانديگرن ۽ ٽيم تي هوندو آهي. هن اپيل ڪئي ته مهرباني ڪري هر ڳالهه کي سياسي رنگ نه ڏنو وڃي.
واضح رهي ته ثنا مير ڪمنٽري دوران قومي ويمن ٽيم جي رانديگر نتاليه پرويز جو تعلق آزاد ڪشمير سان ٻڌايو هو، جنهن تي ڀارتي حلقن پاران ردعمل ڏنو ويو.

