لاهور(شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪارا ۽ پروڊيوسر عائشا عمر انڪشاف ڪيو آهي ته شوبز انڊسٽري ۾ ننڍي عمر ۾ قدم رکڻ کان پوءِ ڪيترن ئي ماڻهن حدون اورانگھڻ جي ڪوشش ڪئي.
هڪ ڪاميڊي شو ۾ شرڪت دوران عائشا عمر پنهنجي ڪيريئر جي شروعاتي ڏينهن جي مشڪلاتن بابت کلي ڳالهه ڪئي. هن ٻڌايو ته شوبز جي دنيا ۾ نوجواني دوران قدم رکڻ سان کيس ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏيڻو پيو. ماڻهو کيس سنجيدگي سان نه وٺندا هئا، ڇو ته هڪ ته عمر گهٽ هئي، ٻيو ته هوءَ هڪ کل ڀوڳ مزاج واري ڇوڪري طور ڏٺي ويندي هئي.
عائشا عمر چيو ته ڪيترائي مرد حدون پار ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هئا، ان وقت کيس پاڻ کي مضبوط ظاهر ڪرڻو پيو ته جيئن ڪو به کيس ڪمزور نه سمجهي. ان لاءِ هن “نان سينس” رويو اختيار ڪيو ته جيئن ماڻهو کيس سنجيدگي سان وٺن.
هن وڌيڪ ٻڌايو ته جڏهن هوءَ لاهور مان ڪراچي منتقل ٿي ۽ اڪيلي زندگي گذارڻ لڳي ته سخت رويو اختيار ڪرڻ اڃا وڌيڪ ضروري ٿي ويو، ڇو ته اڪيلو رهندڙ ڇوڪري کي عام طور تي ڪمزور سمجهيو ويندو آهي.
شو دوران عائشا عمر پنهنجي ڪيريئر ۾ ٿيل ڪجهه غلطين جو به اعتراف ڪيو. هن چيو ته ماضي ۾ ڪجهه اهڙا ايوارڊ شو ڪيا جن جي مڪمل ادائيگي اڄ تائين نه ٿي سگهي آهي.

