ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) گورنر سنڌ، ڪمراڻ خان ٽيسوري چيو آهي ته حڪمرانن کي عوام کان ورتل ٽيڪس جو پئسو صحيح جاءِ تي استعمال ڪرڻ گهرجي، ٽيڪس جي رقم جو درست استعمال سياستدانن جي ذميواري آهي۔
ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪمراڻ ٽيسوري چيو ته وزيراعظم ۽ فلڊ مارشل ملڪ جي خوشحالي لاءِ ڏينهن رات ڪوشش ڪري رهيا آهن، خطي ۾ جيڪڏهن ڪو ملڪ پوئتي رهجي ويو آهي ته اهو پاڪستان آهي۔
هن زور ڏنو ته عوامي مسئلا حل ڪرڻ چونڊيل نمائندن جي ذميواري آهي، ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو۔
گورنر سنڌ چيو ته پوليس تي عوام جو اعتماد نه رهيو آهي، ان اعتماد کي بحال ڪرڻ جي ضرورت آهي، ادارن ۾ سڌارن جي ضرورت آهي ۽ ملڪ کي معاشي طور تي مستحڪم ڪرڻ لازمي آهي۔

