ڪراچي: عربي سمنڊ ۾ ڊيپ ڊپريشن جو نظام تيزي سان شدت اختيار ڪري رهيو آهي، جيڪو ايندڙ 12 ڪلاڪن دوران سمندري طوفان ۾ تبديل ٿي سگهي ٿو.
موسميات کاتي پاران جاري ڪيل پنجين الرٽ موجب، هي گہرو دٻاءُ هن وقت ڪراچي کان 400 ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ موجود آهي، جيڪو مغرب ۽ اتر-مغربي طرف وڌي رهيو آهي، ۽ ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ شدت اختيار ڪري طوفان جي شڪل اختيار ڪري سگهي ٿو۔
برسات جي اڳڪٿي:
- ڪراچي، ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، بدين، ٺٽو، سجاول، ٽنڊو محمد خان، حيدرآباد، مٽياري ۽ ڄامشورو جي ڪجهه علائقن ۾ مٽي، گجگوڙ سان گڏ هلڪي کان وچولي شدت جي برسات جو امڪان آهي۔
سمندري حالتون ۽ احتياط:
- سنڌ جي سامونڊي ڪنارن تي 55 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون هلڻ ڪري حالتون خراب کان انتهائي خراب ٿي سگهن ٿيون۔
- ماهيگيرن کي صلاح ڏني وئي آهي ته 5 آڪٽوبر تائين گہرے سمنڊ ۾ نه وڃن۔
- 4 آڪٽوبر جي شام تائين هوائون 85 ڪلوميٽر في ڪلاڪ کان وڌي 125 ڪلوميٽر في ڪلاڪ تائين پهچي سگهن ٿيون۔
- 3 کان 6 آڪٽوبر دوران بحيره عرب ۾ لهريون تمام اونچيون رهڻ جو امڪان آهي۔
سائڪلون وارننگ سينٽر ڪراچي سسٽم جي نگراني ڪري رهيو آهي ۽ وقت بوقت اپڊيٽ جاري ڪندو۔
طوفان جي صورت اختيار ڪرڻ بعد هن سسٽم جو نالو “سائڪلون شڪتي” رکيو ويندو، جنهن جا معنى آهن “طاقت” ۽ هي نالو سري لنڪا طرفان تجويز ڪيل آهي۔

