حيدرآباد(بيورو) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ڄامشورو ضلعي جي اڳوڻي ايم اين اي سڪندر علي راهپوٽو سنڌ هائوس ۾ اهم ملاقات ڪئي، جنهن دوران علائقي جي سياسي، سماجي ۽ ترقياتي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي۔
ملاقات دوران ڄامشوري ۾ جاري ترقياتي منصوبن ۽ نون رٿائن تي به ڳالهه ٻولهه ٿي۔ ان موقعي تي وڏي وزير سڪندر راهپوٽو جي پٽ بيرسٽر سمير سڪندر راهپوٽو کي لنڊن مان بار ايٽ لا جي اعليٰ قانوني ڊگري حاصل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني۔
سيد مراد علي شاهه چيو ته بيرسٽر سمير جي ڪاميابي نه صرف سندس خاندان، پر ڄامشورو ۽ سڄي سنڌ لاءِ فخر جوڳي آهي۔ هن نوجوانن جي علمي ۽ قانوني ڪاميابين کي ملڪ ۽ صوبي جي مستقبل لاءِ اهم قرار ڏيندي چيو ته سنڌ حڪومت اهڙن نوجوانن جي همٿ افزائي ڪندي جيڪي اعليٰ تعليم خاص طور قانون جي شعبي ۾ نمايان ڪاميابي حاصل ڪن۔
وڏي وزير اميد ظاهر ڪئي ته بيرسٽر سمير جي وطن واپسي سان سنڌ ۾ قانوني شعبي ۾ نئون مثبت باب کلي سگهي ٿو، ۽ نوجوانن کي اهڙيون ڪاميابيون حاصل ڪرڻ لاءِ صوبائي سطح تي وڌيڪ موقعا فراهم ڪيا ويندا۔
ملاقات دوران عوامي مسئلن تي به تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، جن جي حل لاءِ وڏي وزير لاڳاپيل کاتن کي هدايتون جاري ڪيون۔ ان اهم ملاقات ۾ بشير احمد هاليپوٽو پڻ موجود هو۔

