مشتاق احمد جي آزاديءَ لاءِ اهم اڳڀرائي، پرڏيھي کاتي آگاھ ڪري ڇڏيو

Homeاهم خبرمشتاق احمد جي...

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي سان لاڳاپيل اڳوڻي سينيٽر مشتاق احمد خان جي اسرائيلي حراست مان آزاديءَ جي حوالي سان پرڏيھي کاتي اهم اڳڀرائيءَ کان آگاهه ڪيو آهي. ترجمان موجب، پاڪستان جي پرڏيھي وزارت اردن جي راڄڌاني عمان ۾ موجود سفارتخاني جي ذريعي سندن بحفاظت واپسي لاءِ سرگرم ڪوششون ڪري رهي آهي.

پرڏيھي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته ڀائر ملڪ اردن جي قيمتي تعاون سان اميد آهي ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ هي عمل ڪاميابيءَ سان مڪمل ٿي ويندو. ترجمان وڌيڪ چيو ته پاڪستان اردن جي مثالي تعاون ۽ فراخدلانه حمايت تي دل جي گهراين سان شڪرگذار آهي.

واضح رهي ته مشتاق احمد خان غزه ڏانهن ويندڙ گلوبل صمود فلوٽيلا قافلي جو حصو هئا، جنهن تي اسرائيلي فورسز حملو ڪري مشتاق احمد سميت ڪيترن ئي ماڻهن کي حراست ۾ ورتو. قافلي ۾ شامل درجنين ماڻهن کي آزاد ڪيو ويو آهي، پر مشتاق احمد سميت ڪجهه ماڻهو اڃا تائين اسرائيلي حراست ۾ آهن.

گذريل ڏينهن به دفتر خارجہ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو هو ته هڪ دوست يورپي ملڪ جي سفارتي ذريعن جي معرفت تصديق ٿي آهي ته مشتاق احمد خان اسرائيلي قابض فوج جي تحويل ۾ محفوظ ۽ خيريت سان آهن. ترجمان موجب، مقامي قانوني طريقيڪار تحت سندن عدالت ۾ پيشي ٿيندي، ۽ ملڪ بدريءَ جا حڪم جاري ٿيڻ بعد سندن واپسي فوري طور تي يقيني بڻائي ويندي.

پرڏيھي کاتي جو چوڻ آهي ته پاڪستان پنهنجي بين الاقوامي شراڪتدارن سان فعال رابطي ۾ آهي ته جيئن اسرائيلي قابض فوج جي هٿان غير قانوني طور تي گرفتار ڪيل پاڪستاني شهرين جي سلامتي ۽ واپسيءَ کي يقيني بڻائي سگهجي.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});