اسلام آباد (نمائندو خصوصي) سيڪيورٽي ذريعن موجب انٽر سروسز انٽيليجنس (آءِ ايس آءِ) جي ڊائريڪٽر جنرل ليفٽننٽ جنرل عاصم ملڪ نومبر 2025 کان پوءِ به پنهنجي موجوده عهدو تي ذميواريون نڀائيندو. اعليٰ سطحي فيصلي تحت سندن مدتِ ملازمت ۾ واڌ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته موجوده قومي ۽ علائقائي سيڪيورٽي صورتحال جي تناظر ۾ ليفٽننٽ جنرل عاصم ملڪ جي تجربي ۽ قيادت کي انتهائي اهميت ڏني پئي وڃي، جنهن سبب سندن عهدو برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ليفٽننٽ جنرل عاصم ملڪ رواں سال جي شروعات ۾ ڊي جي آءِ ايس آءِ مقرر ٿيو هو، ۽ هن پنهنجي دور ۾ ڪيترن ئي اهم آپريشنن ۽ انٽيليجنس سڌارن جي نگراني ڪئي، جيڪي قومي سلامتي لاءِ مؤثر قرار ڏنا ويا آهن.
سيڪيورٽي ذريعن موجب سندن موجودگي ادارن جي تسلسل ۽ استحڪام جي علامت سمجهي پئي وڃي، ۽ سندن قيادت هيٺ آءِ ايس آءِ مستقبل جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي.

