ڪراچي، سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ سان اليڪٽرڪ گاڏيون ٺاھيندڙ ڪمپني جي وفد سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ملاقات ڪئي، جتي وفد طرفان اليڪٽرڪ ڪار ماڊلز، مقامي اسمبلنگ ۽ چارجنگ انفرااسٽرڪچر بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ملاقات دوران محنت ۽ سماجي تحفظ واري وزير سعيد غني پڻ موجود ھو.
شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ سرڪار ماحول دوست ۽ گھٽ خرچ سفري سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، ۽ جلد اليڪٽرڪ ٽيڪسي سروس شروع ڪرڻ جي خواهش رکي ٿي. هن زور ڏنو ته اليڪٽرڪ گاڏيون نه صرف ٻارڻ جي بچت ۽ ماحولياتي تحفظ جو ذريعو آهن، پر روزگار، جدت ۽ سيڙپڪاري جا نوان در به کولينديون.
سنڌ سرڪار نجي شعبي سان گڏجي پبلڪ ٽرانسپورٽ جي بهتري لاءِ جامع رٿابندي ڪري رهي آهي، ۽ اليڪٽرڪ گاڏين جي واڌاري کي جٽادار ترقي جي ايجنڊا جو اهم حصو قرار ڏنو ويو.

