گهوٽڪي (رپورٽر) ميرپورماٿيلو پريس ڪلب جو جنرل سيڪريٽري طفيل رند قاتلانه حملي ۾ شهيد ٿي ويو، جڏهن ته فائرنگ دوران زخمي ٿيل سندن 8 ورهين جي ڀائٽي رينا به دم ڌڻي حوالي ڪري ويئي.
اطلاع موجب طفيل رند پنهنجي ٻارن کي اسڪول ڇڏڻ لاءِ نڪتل هئا ته جروار روڊ مسو واھ تي هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني. پوليس موجب طفيل رند جي لاش کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ميرپورماٿيلو منتقل ڪيو ويو آهي، جتي واقعي جي جاچ جاري آهي.
بعد ۾ پوليس تصديق ڪئي ته فائرنگ ۾ زخمي ٿيل معصوم رينا به زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي وئي.
حڪومتي ردعمل ۽ مذمت
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ صوبائي وزير داخلا ضياءُ الحسن لنجار صحافي طفيل رند جي قتل تي افسوس جو اظهار ڪيو.
سنڌ جي وڏي وزير چيو ته صحافين تي حملا دراصل اظهارِ راءِ جي آزادي تي حملا آهن، قاتلن جي فوري گرفتاري جو حڪم ڏنو ويو آهي ۽ آءِ جي سنڌ کان رپورٽ طلب ڪئي وئي آهي. هن طفيل رند جي وارثن سان تعزيت پڻ ڪئي.
شرجيل ميمڻ چيو ته اهڙا واقعا برداشت جوڳا ناهن، سنڌ حڪومت مقتول صحافي جي وارثن سان گڏ بيٺل آهي ۽ قاتلن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.
صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار ڊي آءِ جي سکر کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪندي قاتلن جي گرفتاري جي هدايت ڪئي. هن صحافين جي تحفظ لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.
صحافتي برادري جو ردعمل
پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس (PFUJ) جي نائب صدر اڪبر جعفري چيو ته طفيل رند جو قتل حڪومت جي ناڪامي جو ثبوت آهي. هن ياد ڏياريو ته طفيل رند ڪجهه ڏينهن اڳ سوشل ميڊيا تي پنهنجي جان کي خطري بابت اپيل ڪئي هئي، جيڪا نظرانداز ڪئي وئي.
جعفري چيو ته صحافين تي حملا اظهارِ راءِ جي آزادي تي حملا آهن، جن سان پوري سماج ۾ خوف ۽ بيچيني پکڙجي رهي آهي. هن مطالبو ڪيو ته قاتلن کي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي ۽ صحافين جي تحفظ لاءِ جامع پاليسي جو اعلان ڪيو وڃي. هن زور ڏنو ته صحافتي برادري متحد آهي ۽ خاموشي هاڻ وڌيڪ قربانين جو انتظار ڪرڻ جي برابر آهي.

