اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان طرفان پاڪستان تحريڪِ انصاف جي اڳواڻ عمر ايوب جي نااهلي سبب خالي ٿيل قومي اسيمبلي جي نشست اين اي 18 هري پور تي ننڍي چونڊ جو شيڊول جاري ڪيو ويو آهي.
اليڪشن ڪميشن موجب، اميدوارن طرفان نامزدگي جا ڪاغذ 15 آڪٽوبر کان جمع ڪرايا ويندا، جڏهن ته پولنگ جو ڏينهن 22 نومبر مقرر ڪيو ويو آهي.
ان سلسلي ۾ ضلعي اليڪشن ڪمشنر هري پور کي ريٽرننگ آفيسر ۽ ضلعي اليڪشن ڪمشنر ايبٽ آباد کي اسسٽنٽ ريٽرننگ آفيسر مقرر ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته عمر ايوب جي نااهلي کانپوءِ حلقو اين اي 18 خالي ٿيو هو، جنهن تي هاڻ عوام نئين نمائندي جي چونڊ لاءِ ووٽ ڏيندو.

