راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) – لوڪل گورنمينٽ اينڊ ڪميونٽي ڊولپمينٽ طرفان راولپنڊي ضلعي ڪچهري ۾ گهران ڀڄي عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪندڙن جي نڪاح نامن جي رجسٽريشن تي پابندي لاڳو ڪندي سرڪاري سرڪلر جاري ڪيو ويو آهي.
سرڪلر موجب، ضلع جي 182 يونين ڪائونسلن جي سيڪريٽرين کي هدايت ڏني وئي آهي ته اهڙن نڪاح نامن کي رجسٽر نه ڪيو وڃي، جيڪي مبينا طور تي گهران ڀڄي ڪچهري ۾ ڪيا ويا هجن. سرڪلر تي فوري عملدرآمد جو حڪم ڏنو ويو آهي، ۽ خلاف ورزي ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي جي به تنبيهه ڪئي وئي آهي.
سرڪلر جي ڀڃڪڙي تي نڪاح خواهه جو لائسنس رد ڪيو ويندو، سندس خلاف ڪيس داخل ڪري گرفتاري عمل ۾ آندي ويندي. ساڳي ريت، يونين ڪائونسل سيڪريٽري کي به نوڪري مان برطرف ڪري سندس خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.
واضح رهي ته گذريل ٻن سالن دوران راولپنڊي ضلع ڪچهري ۾ گهران ڀڄي نڪاح ڪرڻ جي شرح ۾ خطرناڪ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. صرف 1 جنوري کان 30 سيپٽمبر تائين 1594 ڪورٽ يا لو ميئرج جا واقعا پيش آيا.
نئين هدايتن موجب، جيڪڏهن ٻيا شهرن يا ضلعن مان آيل ڇوڪريون به ڪچهري ۾ نڪاح ڪن ٿيون ته انهن جا نڪاح ناما به رجسٽر نه ٿيندا.
رپورٽ موجب، اهڙن نڪاحن ۾ جعلي ايڊريس، فرضي مقامي رهائش ۽ جعلي گواهن جو استعمال ڪيو ويندو آهي، جنهن سبب ملازمن کي راولپنڊي کان ٻاهر دور دراز ضلعن جي ڪچهرين ۾ پيشين جو سامنا به ڪرڻو پوي ٿو.

