اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سُڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته جيل ۾ ويٺل شخص دهشتگردن جو “چيف اسپانسر” آهي، جنهن جي سهولتڪاري سان ملڪ ۾ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، پر اهڙن عنصرن کي ڪامياب نه ٿيڻ ڏنو ويندو.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران عطا تارڙ چيو ته لنڊن جي عدالت جو فيصلو تحريڪ انصاف جي شڪست آهي، ۽ اهو انهن عنصرن جي منهن تي زور دار چماٽ آهي، جيڪي رياستي ادارن خلاف بيانيو هلائي رهيا هئا.
هن الزام ھنيو ته تحريڪ انصاف جو ٽولو دهشتگردن جو سهولتڪار آهي، ۽ جيل ۾ ويٺل شخص جي دور ۾ دهشتگردن کي واپس آندو ويو. سندس چوڻ هو ته سهيل آفريدي کي به دهشتگردي جي سهولتڪاري لاءِ آندو ويو، جڏهن ته خيبرپختونخوا جي سياست به ان ئي شخص جي چوڌاري گهمي ٿي.
عطا تارڙ واضح ڪيو ته ھٿين خالي شهرين کي نشانو بڻائيندڙ ڪنهن به رعايت جا مستحق نه آهن، ۽ پاڪستان جي سيڪيورٽي اسلام آباد ۾ طئي ٿيندي، نه ته افغانستان ۾.
وفاقي وزير چيو ته شهيدن جي وارثن کي فخر آهي، ۽ قوم پنهنجي بهادر سپوتن کي سلام پيش ڪري ٿي. هن ٻڌايو ته وزيراعظم ۽ فِيلڊ مارشل شهيدن جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي، ۽ وطن جي حفاظت لاءِ قرباني ڏيندڙن جي جذبي کي سلام پيش ڪيو.
سماجي رابطي جي پليٽفارم ايڪس تي جاري بيان ۾ عطا تارڙ چيو ته پي ٽي آءِ جي هر رياست مخالف سازش کي عالمي فورمن تي شڪست ملي آهي، ۽ لنڊن جي عدالت جو فيصلو پاڪستان جي حق ۾ آيو آهي. هن زور ڏنو ته پاڪستان جي دشمنن ۽ انهن جي ساٿارين کي هر ميدان ۾ شڪست مقدر آهي.

