پاڪستاني اداڪاره صائمه قريشي جو عورت جي ڪمائي بابت بيان، جنهن ۾ هن چيو هو ته “عورت جي ڪمائيءَ ۾ برڪت نه هوندي آهي”، سوشل ميڊيا تي تمام گهڻو وائرل ٿيو. هاڻ ان بيان تي اداڪار فيصل قريشي به پنهنجو ردعمل ڏنو آهي.
هڪ پوڊڪاسٽ دوران، فيصل قريشي کان سندس ڪزن صائمہ قريشي جي بيان بابت سوال ڪيو ويو، جنهن تي هن چيو ته “هر انسان جو پنهنجو تجربو ۽ نظريو هوندو آهي، پر مان ان ڳالهه سان متفق نه آهيان ته عورت جي ڪمائيءَ ۾ برڪت نه هوندي.”
فيصل قريشي جو چوڻ هو ته دنيا جي ڪيترين ئي عورتن محنت سان ڪم ڪيو آهي ۽ پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪامياب به رهيون آهن. هن زور ڏنو ته “محنت سان حاصل ڪيل ڪمائي مرد هجي يا عورت، هميشه فائديمند هوندي آهي، ۽ ان ۾ برڪت جي کوٽ نه ٿي سگهي.”
اداکار وڌيڪ چيو ته “هر شخص پنهنجي تجربن جي بنياد تي راءِ قائم ڪندو آهي، پر ڪنهن جي ذاتي تجربن کي چئلينج ڪرڻ به مناسب نه هوندو.”
ياد رهي ته صائمہ قريشي جي بيان تي سوشل ميڊيا تي تنقيد جو سلسلو جاري آهي، جتي ڪيترن ئي صارفين عورتن جي محنت ۽ ڪاميابيءَ جي اهميت تي زور ڏنو آهي. فيصل قريشي جو متوازن ۽ احترام تي ٻڌل جواب مداحن طرفان ساراهيو پيو وڃي.

