ڪراچي: ايشيا ڪپ 2025 ۾ قومي ٽيم جي ناقص ڪارڪردگي جي باوجود سليڪشن ڪميٽي ٽي ٽوئنٽي ڪپتان سلمان علي آغا تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، جڏهن ته بابر اعظم ۽ محمد رضوان جي واپسي جا امڪان في الحال نظر نٿا اچن.
ذريعن موجب، وائٽ بال هيڊ ڪوچ مائيڪ هيسن ۽ ڪپتان سلمان علي آغا جي وچ ۾ ڏکڻ آفريڪا خلاف سيريز ۽ ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ 2026 بابت اهم مشاورت ٿي آهي، جنهن ۾ ٽيم جي ڪميبي نيشن کي مستحڪم رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪوچ ۽ ڪپتان ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ تائين قيادت ۽ ٽيم جي جوڙجڪ ۾ تبديلي جي حق ۾ ناهن. ڏکڻ آفريڪا خلاف سيريز ۾ به سلمان علي آغا ئي ٽيم جي قيادت ڪندا، جڏهن ته بابر ۽ رضوان جي واپسي جو ڪو امڪان ناهي.
ان حوالي سان ٽيم مينيجمينٽ ۽ سليڪشن ڪميٽي جي وچ ۾ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ اهم اجلاس ٿيڻ جو امڪان آهي.
سينيئر اسپورٽس تجزيه نگار عبدالماجد ڀٽي موجب، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ، ٽيم مينيجمينٽ ۽ ڪپتان جي گڏيل راءِ اها آهي ته هن وقت ٽي ٽوئنٽي فارميٽ ۾ بابر اعظم ۽ محمد رضوان لاءِ جاءِ نٿي ٺهي. ٽيم جي مستقبل جي حڪمت عملي نوجوان رانديگرن ۽ نئين جوڙجڪ تي مرکوز آهي.

