ڪراچي: ڪراچي جي تعليمي اداري جي انٽرنيشنل سينٽر فار ڪيميڪل اينڊ بايولوجيڪل سائنسز ۾ قائم ٿيل “سنڌ فارينسڪ ڊي اين اي اينڊ سيرولوجي ليبارٽري” پاران سنڌ جو پهريون ڊي اين اي پروفائيل ڊيٽابيس تيار ڪيو ويو آهي، جيڪو هزارين نمونن تي مشتمل آهي ۽ جديد سافٽويئر ذريعي محفوظ ڪيو ويو آهي.
ليبارٽري جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ڊاڪٽر اشتياق احمد ميڊيا رپورٽرز جي تربيتي ورڪشاپ دوران ٻڌايو ته هي ڊيٽابيس اين اي ڊي يونيورسٽي جي تيار ڪيل سافٽويئر ۾ محفوظ ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ اڪثر نمونا سنڌ جي مختلف ضلعن مان آيل ڪيسز جا آهن، خاص طور تي ڪراچي جا.
ڊاڪٽر اشتياق احمد موجب، ليبارٽري ۾ ايندڙ ڊي اين اي ٽيسٽ جا نمونا محفوظ ڪيا پيا وڃن، جنهن سبب ڊيٽا مسلسل وڌي رهيو آهي. هي ڊيٽا ڪنهن حادثي جي متاثر شخص، سندس رشتيدار يا ڪنهن مشتبہ جوابدار سان لاڳاپيل ٿي سگهي ٿو، ۽ پروفائيلنگ ذريعي انهن جي مڪمل تفصيل موجود هوندي آهي.
هن ٻڌايو ته ڪجهه وقت اڳ هڪ قتل ڪيس هن ڊيٽابيس جي مدد سان حل ڪيو ويو، جتي مقتول ٻار جي رت جي نموني جي پروفائيلنگ واقعي واري هنڌ جي شواهد سان ميچ ٿي وئي، ۽ بعد ۾ ملي ويل هڏين جو ڊي اين اي به ساڳي پروفائيل سان ميچ ٿي ويو.
مثال طور، پنجاب موٽر وي ريپ ڪيس جو جوابدار به ڊي اين اي پروفائيلنگ ذريعي گرفتار ڪيو ويو هو.
ورڪشاپ جي دوران، ڊاڪٽر اشتياق احمد ٽيڪنيڪل سيشن ۾ چيو ته “بغير سائنسي وضاحت جي سچ ڳالهائڻ ممڪن ناهي، ان لاءِ حياتياتي ثبوتن جو سهارو ورتو ويندو آهي.” هن وضاحت ڪئي ته ATGC هڪ جسماني عنصر آهي جيڪو گڏجي ڊي اين اي ٺاهي ٿو، ۽ هي عنصر رت جي سيلز ۾ اربين جي تعداد ۾ موجود هوندا آهن.
ان موقعي تي سنڌ جي صحت کاتي جي چيف پوليس سرجن ڊاڪٽر سميه اخلاقي رپورٽنگ تي زور ڏيندي چيو ته ڪنهن حادثي جي متاثر شخص يا سندس وارثن جي خودمختاري (autonomy) انتهائي اهم آهي. هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن ميڊيا متاثر شخص جي مرضي خلاف زبردستي ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪري يا رپورٽنگ سبب جاچ ۽ متاثرن کي نقصان پهچي، ته اهو اخلاقي اصولن جي خلاف آهي.
ڊاڪٽر سميه مثال ڏيندي چيو ته “حميٰرا اصغر ڪيس بابت سڀ پڇي رهيا هئا، پر ان ئي وقت 8 عورتن جون لاشون مليون، جن بابت ڪنهن به نه پڇيو.”

