اسلام آباد: پاڪستان ۾ فلسطين جي سفير ڊاڪٽر زهير محمد حمدالله زيد غزه امن معاهدي جي حوالي سان وزيراعظم پاڪستان شهباز شريف جي حمايت تي شڪرگذاري جو اظهار ڪندي چيو آهي ته شهباز شريف اسان جا دل کٽي ورتا آهن.
پاڪستان ٽي وي کي ڏنل هڪ خاص انٽرويو ۾ ڊاڪٽر زهير محمد چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي هر سطح تي ڏنل مضبوط حمايت تي اسين انتهائي شڪرگذار آهيون. هن چيو ته وزيراعظم جي شڪرگذاري لاءِ اسان وٽ لفظ ئي نه آهن، سندن حمايت اسان جي دلين کي ڇهي وئي آهي.
فلسطيني سفير جو چوڻ هو ته وزيراعظم شهباز شريف هر موقعي تي فلسطين جي مسئلي لاءِ دنيا آڏو مضبوط ۽ واضح پيغام ڏنو، جنهن تي اسين سندن بيحد شڪرگذار آهيون.
ياد رهي ته گذريل رات آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو هو ته اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ ڳالهين جي ڪاميابي کانپوءِ ٻنهي ڌرين جنگ بندي تي اتفاق ڪري ورتو آهي.

