پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ بدعنواني، مني لانڊرنگ جي خاتمي ۽ اثاثن جي واپسي لاءِ تاريخي معاهدو

HomeFeatured Newsپاڪستان ۽ سعودي...

جدّه، سعودي عرب  – پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ بدعنواني، مني لانڊرنگ جي روڪٿام ۽ چوري ٿيل اثاثن جي واپسي لاءِ هڪ تاريخي مفاهمتي يادداشت (ايم او يو) تي دستخط ڪيا ويا آهن، جيڪو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ شفاف حڪمراني ۽ قانون جي بالادستي جي واڌاري لاءِ اهم قدم قرار ڏنو پيو وڃي.

اها يادداشت 8 ۽ 9 آڪٽوبر 2025 تي جدّه ۾ MENA-ARIN (MENA ريجن اثاثن جي بحالي لاءِ انٽر ايجنسي نيٽورڪ) جي افتتاحي اجلاس دوران طئي پئي، جتي پاڪستان جي قومي احتساب بيورو (نيب) ۽ سعودي عرب جي نگران ۽ انسداد بدعنواني اٿارٽي (نزاهه) جي اعليٰ نمائندن شرڪت ڪئي.

ايم او يو تي نيب جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) نذير احمد ۽ نزاهه جي صدر مازن بن ابراهيم الڪاموس دستخط ڪيا.

معاهدي جا اهم مقصد ۽ شقون

  • بدعنواني ۽ مني لانڊرنگ بابت معلومات جي ڏي وٺ
  • چوري ٿيل ۽ غير قانوني طور منتقل ٿيل اثاثن جي ڳولا ۽ واپسي
  • گڏيل جاچ ۽ انٽيليجنس شيئرنگ جي واڌاري
  • باهمي قانوني مدد (MLA) جي معاملن ۾ فني سهڪار
  • MLA درخواستن جي تياري ۽ عملدرآمد ۾ تعاون
  • گڏيل ٽريننگ، ورڪشاپس ۽ عالمي فورمن تي گڏيل شرڪت

معاهدي تحت، ٻنهي ادارن وچ ۾ مستقبل ۾ ويجهي رابطي جي واڌاري تي زور ڏنو ويو آهي ته جيئن عالمي سطح تي بدعنواني جي خلاف جدوجهد ۾ مؤثر ڪردار ادا ڪري سگهجي.

نزاهه جي وفد نيب جي ڪارڪردگي جي واکاڻ ڪندي چيو ته نيب گذريل عرصي دوران بدعنواني جي خاتمي لاءِ غير معمولي قدم کنيا آهن. خاص طور تي نيب جي 6.4 ٽريلين پاڪستاني رپين (تقريباً 23 ارب آمريڪي ڊالر) جي تاريخي رڪوري کي هڪ شفاف ۽ غير روايتي احتسابي نظام جي شاندار مثال قرار ڏنو ويو.

نيب چيئرمين نذير احمد پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پاڪستان بدعنواني جي خلاف عالمي مهم جو سرگرم حصو آهي ۽ نيب بين الاقوامي ادارن سان تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.

هن سعودي قيادت جي انسداد بدعنواني لاءِ کنيل قدمن جي تعريف ڪندي چيو ته سعودي عرب نه رڳو داخلي طور تي احتساب کي مضبوط ڪيو آهي، پر سڄي خطي لاءِ نئين رهنمائي جو مثال قائم ڪيو آهي.

نيب چيئرمين سعودي عرب سان تازو ٿيل دفاعي معاهدي جو به ذڪر ڪيو ۽ چيو ته هي معاهدو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائيچاري جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪندو.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

ايران جي آمريڪا کي نئين...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18...

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران...

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون...

سول ۽ عسڪري قيادت جو...

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو،...
spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});