هزارين فلسطيني قيدي آزاد، يرغمالن جي واپسيءَ سان اميدن جا در کلي ويا
غزه: اسرائيلي فوج اعلان ڪيو آهي ته غزه ۾ جنگ بندي جو معاهدو هاڻي باضابطه طور تي نافذ ٿي چڪو آهي. ابتدائي مرحلي ۾ حماس جا 11 قيدي آزاد ڪيا ويندا، جڏهن ته اسرائيلي فوج طئي ٿيل حدن کان پوئتي هٽڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.
عرب ميڊيا موجب، جنگ بندي کان پوءِ غزه جا رهواسي پنهنجن گهرن ڏانهن واپسي شروع ڪري چڪا آهن، جڏهن ته اسرائيلي فوج ڪيترن ئي علائقن مان جزوي انخلا جو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي.
ان کان اڳ اسرائيلي ڪابينا جنگ بندي ۽ يرغمالن جي مٽاسٽا واري معاهدي جي منظوري ڏني هئي. اجلاس ۾ وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو داماد جيرڊ ڪشنر، ۽ آمريڪي خاص نمائندو اسٽي وٽڪوف به شريڪ ٿيا.
وزيراعظم جي آفيس طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو ته سڀني اسرائيلي يرغمالن جي آزاديءَ جي بدلي ۾ لڳ ڀڳ 2 هزار فلسطيني قيدي آزاد ڪيا ويندا، ۽ اسرائيلي فوج غزه جي 53 سيڪڙو حصي مان تدريجي طور پوئتي هٽندي.
معاهدي موجب، 72 ڪلاڪن اندر حماس سڀ يرغمال آزاد ڪندي، جڏهن ته باقي وقت دوران ٻنهي ڌرين مڪمل جنگ بندي جي نفاذ کي يقيني بڻائينديون.
امن معاهدي جو پس منظر
غزه ۾ امن لاءِ ڪيترن مهينن کان ڳالهين جو سلسلو جاري هو، جنهن کان پوءِ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ 20 نڪتن تي مشتمل امن منصوبي جو اعلان ڪيو، جنهن جي پاڪستان سميت 8 مسلم ملڪن حمايت ڪئي ۽ اسرائيل به ان کي قبول ڪيو.
ان کان پوءِ مصر ۾ حماس ۽ اسرائيلي عملدارن وچ ۾ ثالثن جي ذريعي ڳالهه ٻولهه ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻه ڏينهن اڳ امن معاهدو طئي ٿيو.
هڪ آمريڪي عملدار موجب، معاهدي تي عملدرآمد جي نگراني لاءِ 200 اهلڪارن تي مشتمل عالمي فورس جوڙي ويندي، جنهن ۾ مصر، قطر، ترڪي ۽ ممڪن طور تي متحده عرب امارات جا فوجي شامل هوندا.

