پشاور(ويب ڊيسڪ) ڊي آءِ خان جي رٽا ڪلاچي ۾ واقع پوليس ٽريننگ اسڪول تي ٿيل خطرناڪ دهشتگرد حملو سيڪيورٽي فورسز جي بهادري سان ناڪام بڻايو ويو، جنهن دوران 6 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته 7 بهادر پوليس جوان شهيد ٿي ويا.
مرڪزي پوليس آفيس موجب، دهشتگردن، جن کي خوارج قرار ڏنو ويو، بارودي مواد سان ڀريل ٽرڪ اسڪول جي مين گيٽ سان ٽڪرائي زوردار ڌماڪو ڪيو. ڌماڪي کان پوءِ دهشتگرد مختلف وردين ۾ ملبوس ٿي اسڪول ۾ داخل ٿيا ۽ ڳرا هٿيار استعمال ڪندي حملو ڪيو.
پوليس جوانن بهادريءَ سان جواب ڏنو ۽ سخت فائرنگ جي ڏي وٺ دوران دهشتگرد مسلسل گرنيڊ اڇلائيندا رهيا. ڊي پي او صاحبزاده سجاد احمد ۽ آر پي او سيد اشفاق انور واقعي واري هنڌ تي موجود هئا ۽ آپريشن جي نگراني ڪري رهيا هئا.
مرڪزي پوليس آفيس موجب، پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز جي گڏيل آپريشن پنج ڪلاڪ جاري رهيو، جنهن دوران سڀني 6 دهشتگردن کي ماريو ويو. انهن وٽان خودڪش جيڪٽون، بارودي مواد، هٿيار ۽ گوليون هٿ ڪيون ويون.
واقعي دوران زخمي ٿيل 7 پوليس اهلڪارن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته اسڪول ۾ موجود تقريباً 200 ٽرينيز ۽ اسٽاف کي محفوظ طريقي سان ٻاهر ڪڍيو ويو.
انسپيڪٽر جنرل خيبر پختونخوا پوليس، ذوالفقار حميد، تصديق ڪئي ته علائقو صاف ڪيو ويو آهي ۽ سرچ آپريشن جاري آهي. هن آر پي او ۽ ڊي پي او جي قيادت جي واکاڻ ڪئي ۽ آپريشن ۾ حصو وٺندڙ سڀني اهلڪارن لاءِ انعامن جو اعلان ڪيو.
آءِ جي پي شهيدن جي بلند درجن لاءِ دعا ڪئي ۽ چيو ته انهن جون قربانيون رائيگان نه وينديون.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي واقعي جي سخت مذمت ڪندي 7 شهيد پوليس اهلڪارن کي ڀيٽا پيش ڪئي. هن شهيدن جي وارثن سان تعزيت ڪئي ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.
وفاقي گھرو وزير محسن نقوي چيو ته پوليس اهلڪارن پنهنجي جانن جو نذرانو ڏئي هڪ وڏو دهشتگرد حملو ناڪام بڻايو. “اهي بهادريءَ سان بيهي رهيا ۽ خوارج دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو،” هن چيو.
هن وڌيڪ چيو ته خيبر پختونخوا پوليس دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ بي مثال قربانيون ڏنيون آهن.

